ملڪ ۾ بجلي پهچ جو نظام ايس او پيز بنا هلڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ جي بدترين پاور بريڪ ڊائون جي هڪ سال کانپوءِ جاچ مڪمل ٿي وئي.
دستاويز موجب جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ بريڪ ڊائون جي ذميواري 4 جونيئر آفيسرن تي وڌي وئي، ٻه ڊپٽي مئنيجر، هڪ شفٽ انچارج ۽ هڪ پاور ڪنٽرول سينٽر مئنيجر بريڪ ڊائون جو ذميوار قرار ڏنا ويا آهن.
ڪميٽي جي رپورٽ ۾ 3 هزار ارب رپيا ماليت جو بجلي پهچ نظام ايس او پيز بنا هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
وفاقي ڪابينا بدترين پاور بريڪ ڊائون جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي.
23 جنوري 2023 جي بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي پهچ جو نظام بحال ٿيڻ ۾ تقريبن 20 ڪلاڪ لڳا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.