آمريڪي پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۾ سرگرم، هڪ ٻئي پٺيان دورا، اردگان سان ملاقات

آمريڪي پرڏيهي وزير انتونيو بلنڪن غزا جنگ کان پوءِ پنهنجي چوٿين وچ اوڀر جي دوري کان اڳ استنبول ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ ترڪ هم منصب سان ملاقاتون ڪيون.
ترڪ اڳواڻن ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ غزا جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اسان جو سمورو ڌيان غزا تڪرار پکڙجڻ کان روڪڻ تي آهي، تڪرار ۾ گھٽتائي لاءِ ترڪيه ڌرين سان لاڳاپا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته اسرائيل ڇڪتاڻ ۾ واڌ نه پيو چاهي پر اسرائيل کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو آهي.
ٻي پاسي حماس جي اڳوان اسماعيل هنيه آمريڪي پرڏيهي وزير کي پيغام ڏيندي چيو ته بلنڪن اسرائيلي جارحيت ختم ڪرائڻ تي ڌيان رکي.
هن چيو ته اسرائيل لاءِ آمريڪي حمايت غزا ۾ ماڻهن جي قتل عام جو سبب بڻي آهي، اميد آهي بلنڪن گذريل ٽن مهينن جي واقعن مان سبق سکيو هوندو.
آمريڪي پرڏيهي وزير غزا جنگ کان پوءِ چوٿون ڀيرو وچ اوڀر جو دورو ڪندو.
پنهنجي دوري جي موقعي تي انٽوني بلنڪن اردن، قطر، اسرائيل، اولهه ڪناري، مصر، سعودي عرب ۽ يو اي اِي به ويندا جتي اهم اڳواڻ سان ملاقاتون ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.