سنڌ ۾ فوتي سرڪاري ملازم جي اليڪشن ڊيوٽي لڳي وئي!

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ۾ ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويندڙ سرڪاري استاد جي اليڪشن ڊيوٽي لڳائي وئي.
ٺٽي جو پرائمري ٽيچر عمر شيخ ڪجهه عرصو اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو پر اليڪشن ٽريننگ ۾ غير حاضر رهڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو.
هوڏانهن تعليم کاتي هڪ ٻئي استاد عمر جوکئي کي هڪ پاسي ڪراچي ٽرانسفر ڪري ڇڏيو ته ٻئي پاسي وري کيس اليڪشن ٽريننگ ۾ ٺٽي نه وڃڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.