راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته منهنجو ن ليگ سان پراڻو واسطو آهي، اها پارٽي منهنجي هٿان وڌي.
پنهنجي بيان ۾ چوڌري نثار چيو ته مان ڪنهن جماعت تي تنقيد ڪري ووٽ نه وٺندس، ڪنهن جو پڇ پڪڙي نه پر عوام جي ڪلهن تي سوار تي اسيمبلي پهچڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني عمران خان سان 54 سالن جو واسطو آهي ۽ هو سٺو دوست آهي پر هن وقت ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ سان اختلاف اصولن تي ٻڌل آهي، ٻارن سامهون هٿ ٻڌي نٿو بيهي سگهان، غلام سرور خان جعلي ڊگري وارو آهي، هن پي آءِ اي کي نقصان پهچايو، هن وقت ملڪ ۽ ڪوڙ ۽ مفاد جي سياست ٿي رهي آهي.
Prev Post
You might also like