ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا بينا چوڌري کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون.
تازو ئي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان جاري ڪيل وڊيو ۾ اداڪارا بينا چوڌري ٻڌايوته کيس گذريل ڪيترن ئي قتل جو ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
پنهنجي جاري ڪيل وڊيو ۾ اداڪارا ٻڌايو ته مون کي ڌمڪين جي صورت ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن آئون پنهنجي زبان بند نه رکي ته مون کي ماريو ويندو.
وڊيو بيان ۾ بينا چوڌري جو چوڻ هو ته مون سان ڪنهن به وقت ڪو به حادثو ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن سڀاڻي آئون هن دنيا ۾نه رهان يا وڳري مون سان ڪو حادثو ٿي وڃي ته ان جي ذميوارن جي وڊيو آئون رڪارڊ ڪري رکي ڇڏي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي اچي ويندي.
Prev Post
Next Post
You might also like