ڊالر جي اگهه بابت وڏي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪرنسي مارڪيٽ سان سلهاڙيل ماڻهن ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ وڏي لاٿ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
سيپٽمبر ۾ ڊالر 307 جي بلند ترين سطح تي هو پر حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ ان جي اگهه ۾ مسلسل گهٽتائي آئي ۽ آڪٽوبر ۾ ڊالر 277 تي اچي ويو، ان کانپوءِ ڪجهه واڌ ٿي ۽ ڊالر 288 تي پهچي ويو.
پر نومبر جي وچ کان ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار آهي.
مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ مهيني 11 تاريخ تي قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري سان ئي ڊالر جي قيمت گهٽجڻ جو امڪان آهي ۽ اها 277 کان به هيٺ ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان کي آءِ ايم اي طرفان 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ وارا آهن پر ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو هڪ ٻيو سبب به آهي.
پاڪستان جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 15 ڊسمبر کانپوءِ هيل تائين ٻه ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.