پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار

پشاور (م ڊ ) اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي اپيل منظور ڪندي سندس نامزدگي ڪاغذ به صحيح قرار ڏئي ڇڏيا آهن. اليڪشن  ٽربيونل جي جج جسٽس شڪيل احمد پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته رٽرننگ آفيسر پارٽي اڪائونٽ جي معاملي تي اسد قيصر جا ڪاغذ رد ڪيا، رٽرننگ آفيسر پارٽي اڪائونٽ کي اسد قيصر جو ذاتي اڪائونٽ قرار ڏنو.  اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ها اهو واضح آهي ته اڪائونٽ اسد قيصر جي نالي تي ناهي، پارٽي اڪائونٽ آهي. بعد ۾ ٽربيونل اسد قيصر جا ڪاغذ صحيح قرار ڏئي ڇڏيا. واضح رهي ته خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 19 صوابي مان اسد قيصر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.

پي ٽي آءِ باني کي قيادت تان هٽائڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ڊسمبر 2023 واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ جي باني پاران داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو ڪالعدم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس واپس وٺڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، ڪابه عدالت ڪيس واپس نه وٺڻ جو اصرار نٿي ڪري سگهي.

فواد چوڌري جي گهرواري جا ڪاغذ رد، چونڊن لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ٽربيونل فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض برقرار رکندي کيس جهلم جي صوبائي تڪ تان نااهل قرار ڏئي  ڇڏيو. اليڪشن ٽربيونل ۾ ايف آءِ اي پرڏيهي دورن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي بئنڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ جمع ڪرايو. رڪارڊ موجب حبا فواد 3 پرڏيهي دورا ۽ 9 بئنڪ اڪائونٽس لڪايا. حبا فواد جا ڪاغذ رد ۽ نااهل ٿيڻ کانپوءِ فواد چوڌري کي به طلب ڪيو ويو. فواد چوڌري جو اين اي 60 ۽ 61 جي منظور ٿيل دستاويزن وارو فرمان واپس ورتو ويو. اليڪشن ٽربيونل جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري پنهنجي زال جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ پرڏيهي دورا ڪاغذن ۾ لڪايا. ٽربيونل سوال اٿاريو ته حقيقتون لڪائڻ تي ڇو نه فواد چوڌري کي به نااهل ڪيو وڃي؟ اليڪشن ٽربيونل فواد چوڌري کي نوٽيس جاري ڪندي 9 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.