ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ تيزاب گردي سبب 55 ورهين جي عورت فوت ٿي وئي. پوليس موجب عورت جي ڌيءَ کي 6 مهينا اڳ طلاق ٿي هئي ۽ تيزاب جو شڪار ٿيل عورت جو اڳوڻو نياڻو کيس 6 مهينن کان ڌمڪيون ڏئي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن نقاب پوش ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي عورت تي تيزاب اڇلايو، جڏهن ته عورت جي ڌيءَ واش روم ۾ لڪي جان بچائي ورتي. تيزب گردي سبب پيرسن عورت سڙي اجل جو شڪار بڻجي وئي.