ڪراچي ۾ بيٽ جو چونڊ نشان نه ملڻ خلاف وڪيلن جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر) تحريڪ انصاف جي وڪيلن پاران بيٽ جو چونڊ نشان نه ملڻ خلاف سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.ان موقعي تي سنڌ جي نائب صدر ظهور محسود ايڊووڪيٽ ۽ ٻين وڪيلن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسي اليڪشن وڙهڻ جي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي. وڪيلن چيو ته تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان واپس ڏئي ڪارڪنن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن چيو ته چيف جسٽس پاڪستان مان انصاف جي اميد آهي ته هو پي ٽي آءِ کي چونڊ جو نشان واپس ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.