زرتاج گل ۽ سندس مڙس همايون جا نامزدگي ڪاغذ منظور

ڊي آءِ خان ( م ڊ )  ڊيرا غازي خان مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير زرتاج گل ۽ سندس مڙس همايون جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.  خابرو اداري موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي ملتان بينچ تي قائم اليڪشن ٽربيونل زرتاج گل ۽ سندس مڙس کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل جي ضمانت منظور ڪندي کيس ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

عارف علوي جي پٽ ۽ خرم شير زمان جي اپيلن تي فيصلو محفوظ

ڪراچي ( رپورٽر ) اليڪشن ٽريبونل صدر عارف علوي جي پٽ عوض علوي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسلم  خان جي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيل منظور ڪئي وئي. اين اي 241 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته خرم شير زمان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. خرم شير زمان کي رٽرننگ آفيسر ٻڌايو ته هو صادق ۽ امين ناهي رهيو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته  خرم شير زمان حلف نامي ۾ ڪاروبار بابت غلط ڄاڻ ڏني آهي،  ٽربيونل خرم شير زمان جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اين اي 241 تان صدر عارف علوي جي پٽ عوض علوي جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته رٽرننگ آفيسر عوض علوي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي چيو ته هو صادق ۽ امين ناهي،  ريٽرننگ آفيسر ڪنهن کي ايماندار ۽ قابل اعتماد ڪيئن قرار ڏئي سگهي ٿو. دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ٽربيونل عوض علوي جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اين اي 248 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ اسلم خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته  هڪ ڪيس ۾ اسلم خان کي اشتهاري قرار ڏنو ويو ۽ ڪاغذ رد ڪيا ويا،  درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسلم خان ڪنهن به صورت ۾ اشتهاري نه آهي، سندس نالي تي ايف آءِ آر کي جواز ڄاڻائي ڪاغذ رد ڪيا ويا، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسلم خان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ ايف آءِ آر ۾ شامل شناختي ڪارڊ نمبر مختلف آهن. ٽربيونل اسلم خان جي اپيل منظور ڪندي ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

حبا فواد اليڪشن ٽربيونل طرفان نااهل قرار ڏيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد عام چونڊن ۾ اليڪشن ٽربيونل طرفان نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض برقرار رکڻ ۽ نااهل قرار ڏيڻ جي  ريد ڪري ڇڏي آهي. نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن جي صحيح هجڻ بابت پنهنجي بيان ۾ حبا فواد چوڌري چيو ته صبح کان منهنجي نااهلي جون خبرون هلي رهيون آهن. هن چيو ته مان نااهلي جي خبر جي ترديد ڪريان ٿي. فواد چوڌري جي چوڻ تي پنهنجا ڪاغذ واپس ورتا آهن. حبا فواد چيو ته فواد چوڌري ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هو نيب جي حراست ۾ آهي، مان نٿي چاهيان ته فواد چوڌري کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي چونڊن کان ٻاهر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.