ملڪ خطرن باوجود اليڪشن ڏانهن وڃي سگهي ٿو: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز باصلاحيت آهي، ملڪ خطرن باوجود اليڪشن ڏانهن وڃي سگهي ٿو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن ۾ دير بابت سينيٽ جي ٺهراءَ تي تبصرو نه ڪندس، نگران حڪومت اهڙي ڪنهن سرگرمي جو حصو نه بڻجندي، جنهن سان اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت ٿئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جو ڪم ججن جي تبصري تي تبصرو ڪرڻ ناهي، عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، فيصلو غلط لڳو ته چئلينج ڪري ڇڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ يا اليڪشن جي تاريخ ۾ تبديلي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.