ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين مونجھارا ۽ مختلف انومان موجود آھن.ڪجهھ تجزيي نگار ته ملڪ ۾ نئين مارشل لا جون اڳڪٿيون به ڪري رھيا آھن توڙي جو سپريم ڪورٽ پنهن جي واضح طور اھو اشارو ڏيئي چڪي آھي ته چونڊون ھر حالت ۾ پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون.اصل مسئلو اھو ناھي ته چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت اقتدار ۾ ٿي اچي پر سڀ کان اھم سوال اھو آھي ته ڇا ھاڻوڪي ماحول ۾ جڏھن سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرمي آھي ۽ خاص طور تي ھڪڙي سياسي جماعت رياست،نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن تي جانبداري جا مختلف قسم جا الزام ھڻي رھي آھي، ان ماحول ۾ ڇا چونڊن جي نتيجن کي دل ۽ جان سان قبول به ڪيو ويندو؟۽ جيڪڏهن نتيجن کي قبول نٿو ڪيو وڃي ته ان جا ايندڙ سياسي نظام تي ڪھڙا اثر پوندا؟ڇا ملڪ جيڪو اڳيئي ڪيترن ئي سياسي، سماجي،معاشي ۽ سلامتيء وارن بحرانن جي ور چڙھيل آھي ايندڙ حڪومت ان کي انهن بحرانن مان ٻاھر ڪڍي سگهندي؟ ايندڙ حڪومت لاءِ ڪھڙا سنگين ۽ سخت قسم جا مسئلا، مشڪلاتون ۽ بحران اڳيئي انتظار ڪري رھيا آھن انهن جو ڪجھه جائزو وٺڻ ضروري آھي.
ملڪ کي ھن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بحران جو آھي جنهن کي حل ڪرڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ ايترو آسان ڪم نهٿيندو.پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ ھوندي به پنهنجي قومي ناڻي جو ھڪ وڏو حصو کاڌي جون شيون ٻاھران گهرائڻ تي خرچ ڪري رھيو آھي.زراعت جي ميدان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان جيڪا تباھي آئي آھي ان جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به جماعت وٽ ڪو واضح پروگرام نٿو ڏسجي.ملڪي صنعت اڳيئي برباد ٿي چڪي آھي.ڪرپشن قومي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.احتساب جو ڪو منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ ڪنهن به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نه رھيو آھي.احتساب لاءِ قائم ڪيل نام نهاد ادارو نيب ھر دور ۾ سياسي بليڪ ميلنگ جي ھٿيار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي.انهن سمورين حقيقتن جي روشني ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪھڙيء طرح درست ٿي سگهن ٿيون، سمجهھ کان ٻاھر آھي.نتيجي طور تي اسان سڀ آءِ ايم ايف جي در تي اکيون اٽڪايو ويٺا آھيون جيڪو ڏينهون ڏينهن اھڙا سخت شرط لاڳو ڪري رھيو آھي جن سان غريبن جي ستيا ناس ٿي چڪي آھي ۽ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.
ٻيو اھم مسئلو ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي جو آھي جتي ماڻھو سمجهن ٿا ته کين ملڪي ڪار وھنوار توڙي صلاح مشوري ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. سندن وسيلن،زمينن ۽ ذريعن تي رياست ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي ۽ حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ ماڻھن کي کنڀي کنيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ انهن جا چچريل لاش وصول ٿين ٿا.محروم قوميتن ۾ اھا بيچيني ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي پر نه تھ رياست ۽ نه ئي ڪنهن حڪومت انهن معاملن تي سنجيدگي سان سوچ ڪئي آھي.ڇا ايندڙ حڪومت ان پوزيشن ۾ ھوندي جو ننڍين قوميتن جي ان اھم مامري کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيدگيء سان ڪي قدم کڻي سگهي؟ ظاھر آھي ته قدم تڏھن ئي کڄي سگهي ٿو جڏھن حڪومتن توڙي رياست وٽ سچي نيت به موجود ھجي.
ٽيون اھم مسئلو ملڪ کي درپيش دھشتگردي جو آھي.اھي ماڻھو ۽ گروھ جن کي رياستي سرپرستي ۾ پالي وڏو ڪيو ويو اھي ھاڻي رياست لاءِ ناسور بڻجي چڪا آھن.رياست توڙي مختلف حڪومتون ان معاملي ۾ سدائين عظيم مونجھاري جو شڪار رھيون آھن ۽ اڄ تائين دھشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪا متفقه ۽ موثر منصوبابندي نه جڙي سگهي آھي.نيشنل ايڪشن پلان ھڪ سٺو قدم ھو پر بدقسمتي سان انهيءَ تي اڄ تائين عمل نهٿي سگهيو آھي.ٻاھريان خطرا پنهن جي جڳھه تي پر ھن وقت ملڪ اندروني طور تي سلامتي جي جن بحرانن سان وڪوڙيل آھي انهيءَ کي منهن ڏيڻ اڪيلو ڪنهن حڪومت جي وس جو ڪم ئي ناھي.
افسوس اھو جو ان اھم معاملي تي به سياست واري راند کيڏبي رھي آھي.دھشتگردي واري معاملي سان ڳنڍيل ھڪ ٻيو معاملو عدم برداشت ۽ انتھا پسندي جو آھي.گذريل ڊگهي عرصي تائين رياستي سرپرستي ۾ نوجوانن جي جيڪا ذھن سازي ڪئي ويئي انهيءَ کي رڳو طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪري نٿو سگهجي.انهيءَ لاءِ ھڪ ڊگهي ۽ موثر تعليمي ۽ تربيتي نظام جي ضرورت آھي ۽ اھو به ته سماج مان ناانصافين کي ھر ممڪن حد تائين گهٽايو وڃي جو اھي ناانصافيون نوجوانن کي دھشتگردي ۽ انتھا پسندي جي اوڙاھ طرف ڌڪو ڏين ٿيون.
ان سموري معاملي ۾ ماڻھن کي مناسب معاشي موقعا مھيا ڪرڻ، قانوني سماجي برابري قائم ڪرڻ ۽ ماڻھن کي زندگي جون بنيادي سھوليتون مھيا ڪرڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا.ظلم ڪنهن به سطح تي ھجي اھو ماڻھن ۾ بغاوت، بيزاري،نفرت ۽ انتھا پسندي جو ٻچ ڇٽي ٿو.ايندڙ حڪومت لاءِ اھو به چيلينج ھوندو ته اھا انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪھڙي ٿي حڪمت عملي اختيار ڪري.
اسان جي ملڪ جي آبادي جو ھڪ وڏو حصو غربت واري لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي جن کي نه تھ مناسب کاڌ خوراڪ ميسر آھي، نه صحت جون سھولتون ميسر آھن ۽ نه ئي تعليم جو ڪو مناسب بندوبست ٿو نظر اچي. سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ٻارڙن جي آھي جن جي اڪثريت اڄ به اسڪولن کان ٻاھر روڊن رستن تي پنندي، سخت پورھيو ڪندي يا وري منشيات استعمال ڪندي نظر اچي ٿي.جيڪر عالمي ادارن جون رپورٽون ٿيون پڙھجن ته لڱ ڪانڊار جيو وڃن. ڪروڙين ٻار اھڙا آھن جن کي مناسب کاڌو مھيا نه هئڻ ڪري اھي مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ انهن مان ھر سال لکين ٻار بنان ڪنهن علاج جي مريو وڃن.اڄ ايڪويھين صدي ۾ ھر ايندڙ حڪومت لاءِ اھو سوال نهايت ئي اھم آھي ته ڇا ڪنهن سڌريل سماج ۾ معصوم ٻارڙن جو مستقبل اھو ئي ھوندو آھي جيڪو اسان جي ملڪ ۾ آھي؟
ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين مونجھارا ۽ مختلف انومان موجود آھن.ڪجهھ تجزيي نگار ته ملڪ ۾ نئين مارشل لا جون اڳڪٿيون به ڪري رھيا آھن توڙي جو سپريم ڪورٽ پنهن جي واضح طور اھو اشارو ڏيئي چڪي آھي ته چونڊون ھر حالت ۾ پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون.اصل مسئلو اھو ناھي ته چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت اقتدار ۾ ٿي اچي پر سڀ کان اھم سوال اھو آھي ته ڇا ھاڻوڪي ماحول ۾ جڏھن سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرمي آھي ۽ خاص طور تي ھڪڙي سياسي جماعت رياست،نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن تي جانبداري جا مختلف قسم جا الزام ھڻي رھي آھي،