ميهڙ تعلقه اسپتال جي حالت ڪيئن سڌرنڌي؟

تحرير: فراز چنا

ميهڙ تعلقي جي 4 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ميهڙ شهر ۽ آس پاس وارن علائقي جي رھواسين جي صحت جون سھولتون مھيا ڪرڻ لا۽ قائم ڪيل واحد تعلقي اسپتال ميھڙ گذريل ڪافي سالن کان مسئلن جي ور چڙھيل آھي . اسپتال جي ھن وقت تائين اڪر شعبا غيرفعال بڻيل آھن. اسپتال ۾ ايندڙ ماڻھن لاءِ ڪي به سھولتون ناھن . پ پ پ جي گذريل 15 سالا حڪومتي دور ۾ تعلقي اسپتال جي بھتري لاءِ ڪي به قدم ناھن کنيا ويا . گذريل 10 سالن تائين ليڊي ڊاڪٽر کان محروم رهي آهي.  ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب مختلف سببن ڪري زخمي ٿيل عورتن جو علاج نه پيو ٿئي جڏھن ته هتي اڪثر ڪري قتل توڙي فوت ٿيل عورتن جي لاشن جي پوسٽ مارٽم لاءِ عورتن جا لاش ميھڙ اسپتال بعد ڪي اين شاھ ۽ دادو ڏانھن منتقل ٿيندا رھيا آھن پر ڪافي ڪلاڪن تائي اسپتال احاطي ۾ پيل رھندا رھيا ماڻھن جي مسلسل احتجاج کان پوءِ ليڊي ڊاڪٽر ته مقرر ٿيون پر انھن کي ڊيوٽي تان ڇوٽ ڏئي  ڇڏي آهي جنھن ڪري تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ مسئلا ساڳيا ئي برقرار رھيا.

تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ سهولتن جي اڻاٺ سبب ڪيترائي دفعا جج صاحبن جا دورا ، تعلقي اسپتال ميهڙ جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف تي اڳوڻي سيشن جج دادو اسپتال م سھولتن جي فقدان ، سرڪاري مشينري چوري ، ڪجھ مشينري موجود ھوندي  استعمال نه ڪرڻ سبب ڪروڙين روپين جي مشينري ناڪاره ٿيڻ پاران تعلقه اسپتال جي ان وقت جي ايم ايس سميت اسٽور انچارج ، ھيپاٽائيٽس جي انچارج سميت ڊاڪٽرن ۽ عملي تي دھشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ  باوجود تعلقه اسپتال ميهڙ جي حالت ناهي سڌري ، جڏھن ته شھرين جي احتجاج کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ  بعد پاڪستان چيف جسٽس جي اچانڪ دوري جو تياريون ۽ عين وقت تي دورو ملتوي ٿيڻ ،  صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ آفيسرن جا دوره به تعلقي اسپتال جي حالت سڌاري ناهن سگهيا. تعلقه اسپتال ميھڙ ڪافي وقت کان ريفر سينٽر بڻيل آهي. جتي پوانسٽان جي ٽڪي ملڻ ب مشڪل هئي . گذريل 15 سالن کان پ پ پ جي چونڊيل ايم پي اي جو هڪ خاص ماڻهو هڪ ويڪسينيٽر جيڪو تعلقي اسپتال جو ڪرتا ڌرتا بڻيل هيو . جنھن اڪثر ماڻھن کي سياسي بنياد تي ويزا تي موڪلي ڇڏيا ھئا .

تعلقي اسپتال ميهڙ لاءِ آيل مشينري يا ته گم آهي يا  ڊاڪٽرن جي ذاتي استعمال هيٺ آهي . اسپتال جي شين جي گمشدگي بابت شهرين جي احتجاج سبب اسپتال انتظاميه اسپتال جي لاءِ آيل ائيرڪنڊِيشنڊس سميت ٻئي سامان جي گم ۽ چوري ٿيڻ جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. اسپتال جي ڪوارٽرن تي قبضا آهن جڏهن ته اسپتال جي پلاٽ تي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان دڪان ۽ شاپنگ سينٽر ٺاهي ڇڏيا آهن.  ڪروڙين روپين جي لاڳت سان اسپتال لاءِ جوڙايل ٽراما سينٽر جو سامان ۽ فرنيچر گم آھي . ٽراما سينٽر ته ھلي نه سگھيو . لاڳيتي احتجاج جي باوجود عوامي دبا۽ تي ٽراما سينٽر بحال ته ٿي سگھيو پر عوامي دٻاء تحت ان ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي وارو شعبو تبديل ڪري ايمرجنسي واري شعبي ۾ تبديل ڪيو ويو .  اسپتال جي عمارت زبون حال بڻيل آهي ، ليبارٽري سميت اڪثر شعبا غير فعال بڻيل آهن .

جيتوڻيڪ حڪومتي ڌر جي ماڻهن تعلقه اسپتال ميهڙ کي گمس حوالي ڪرڻ جا وڏا اعلان ڪيا . گمس جي انچارج کي ميھڙ اسپتال جو دورو ڪرايو ويو سوشل ميڊيا تي وڏيون وڏيون دعوائون ڪيو ويو ته ھاڻي اسپتال ۾ بھتر ايندي عوام کي رليف ملندو پر اسپتال گمس حوالي ته نه  ٿي پر پ پ پ جي ميهڙ مان چونڊيل ايم پي اي فياض علي ٻٽ پاران پنهنجي وزارت واري عرصي دوران پنهنجي پئٽرول پمپ توڙي ان ڏانهن ايندڙ روڊ ۽ زمينن ۾ سولر سسٽم جا پول ته لڳايا پر افسوس جي تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ هڪ به سولر سسٽم جو پول لڳي نه سگهيو! جنهن سبب ڊاڪٽر رات جي وقت ايندڙ زخمين کي موبائل فون جي ٽارچ جي بتي ٻاري زخمين تي پٽي لڳائي کين لاڙڪاڻي موڪليندا رهن ٿا.

ميھڙ جا ماڻھو دانھون ڪندا رھيا ته اسپتال کي بھتر ڪيو پر ان ۾ ڪا به بھتري ناھي آئي. ميھڙ مان عوام ووٽ ڏئي پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو پر عوام جي لاءِ جوڙايل عوامي ادارن ۾ ڪا به بھتري اچي نه سگھي. تازو نگران حڪمومت دوران هڪ عوام دوست ڊاڪٽر کي تعلقي اسپتال جي  چارج ملڻ کان پوءِ سندس هڪ مهيني اندر اسپتال لاء ڪيل  ڪم، خدمتن ۽ شعبن کي بحال ڪرڻ جو جاکوڙ گذريل 15 سالن حڪومت ڪندڙ ۽ انهن جي لاڏلن تي هڪ زوردار چماٽ آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.