ذوالفقار علي ڀٽو جي غيرمعمولي شخصيت ۽ سندس سياسي بصيرت

سنڌ جو ڀٽو خاندان قربانين ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ سبب مشهور آهي. پاڪستان جي سياسي افق تي گهرا نقش چٽيندڙ، عوام کي عزت ۽ آجپي لاءِ جمهوريت جي راهه ڏيکاريندڙ ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو ۽ اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.

جڏهن هو عملي سياست ۾ آيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي صلاحيتن سبب پاڪستان جي سياست جو محوَر بڻجي ويو ۽ اڄ نه رڳو سياست پر اڪثر سياستدانن تي سندس اثر نمايان آهي. سندس مخالف به سندس صلاحيتن جا انڪاري نه آهن. هن ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي سياسي بصيرت مڃائي چڪو هو.

سر شاهنواز ۽ محترمه خورشيد جي گهر 5 جنوري 1928ع تي جنم ورتل ذوالفقار علي ڀٽو، شروعات ۾ لاڙڪاڻي ۽ پوءِ ٿورو عرصو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. بعد ۾ بمبئيءَ هليو ويو، جتي ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. انهي ئي اسڪول ۾ سندس دوستي پيلو موديءَ سان ٿي، جنهن اڳتي هلي شملا ڪانفرنس کانپوءِ “Zulfi My Friend” نالي هڪ ڪتاب لکيو. پڙهائيءَ دؤران ڀٽو صاحب عالمي سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو.

1946ع ڌاري آمريڪا پڙهڻ ويو، جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين. سياسيات ۾ بي. اي (آنرز) ڪري پوءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪرسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ٽن سالن جو ڪورس ٻن سالن ۾ مڪمل ڪري ورتو. جيتوڻيڪ هن جن مضمونن جي چونڊ ڪئي، انهن لاءِ رومن ۽ لاطيني زبانون پڙهڻ ۽ ان ۾ پاس ٿيڻ به لازمي هو. ڀُٽي صاحب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ئي ايم. اي سياسيات جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ ’بار ائٽ لاءِ‘ جو امتحان پاس ڪري انگلنڊ جي سائوٿ هيمپٽن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد مقرر ٿيو. ان وقت هو پهريون ايشيائي مسلمان هو، جنهن کي اتي پڙهائڻ جو اعزاز مليو.

انهيءَ دوران ئي ڀُٽي صاحب کي پنهنجي والد سر شاهنواز جي بيمار هجڻ جو اطلاع مليو. جنهن بعد هو نومبر 1953ع ۾ وطن موٽيو ۽ والد جي خدمت سان گڏ زمينن جي سارسنڀال به ڪيائين. ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين شادي سندس سؤٽِ امير بيگم سان 1940ع ڌاري ٿي، جڏهن ته سندس ٻي شادي بيگم نصرت ڀٽو سان 1951ع ۾ ٿي، جنهن جو تعلق اصفهاني خاندان سان هو.

وطن واپس اچي ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. گڏوگڏ وڪالت جي پرئڪٽس به ڪندو رهيو. هُن مختصر ڪيريئر ۾ ڪامياب وڪيل طور پاڻ مڃايو. اتفاق سان سندس پهريون مقدمو جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته مقدمي جو فيصلو ٻڌائڻ وقت تڏهوڪي انگريز چيف جسٽس معمول خلاف ڀٽي صاحب لاءِ تاثر ڏنا ته ”آئون اعتماد سان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته مسٽر ڀٽو مستقبل ۾ ڪامياب انسان بڻبو“. 1956ع ۾ تڏهوڪي صدر اسڪندر مرزا نوجوانن جو هڪ وفد اقوام متحده موڪليو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو نالو به شامل ڪيو ويو، تڏهن ته هو ڪو نه وڃي سگهيو، پر 1957ع ۾ ويل وفد جي هن ئي اڳواڻي ڪئي. تنهن وقت سندس عمر 29 سال هئي. 1958ع ۾ هن جنيوا ۾ ٿيندڙ بحري سرحدن بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. عملي سياست.

جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي عملي سياست ۾ پير پاتو ته پهريان 1958ع کان 1960ع ڌاري صدر ايوب جي ڪابينا ۾ تجارت جو وزير مقرر ٿيو، 1960ع کان 1962ع تائين اقليتي معاملن ۽ قومي تعميرِ نو ۽ اطلاعات جو وزير ۽ 1962ع کان کان 1965ع تائين صنعت، قدرتي وسيلن ۽ ڪشمير جي معاملن جو وزير رهيو ۽ 1963ع کان 1966ع تائين پرڏيهي وزير طور ذميواريون نڀايائين. جڏهن وٽس پرڏيهي وزير جو قلمدان هو ته هن مارچ 1963ع ڌاري چين سان نئين پاليسيءَ تحت پاڪ-چين سرحدي حدبنديءَ بابت معاهدو ڪيو ۽ اهو عمل چين سان دوستيءَ جي ڏس ۾ پهريون قدم هو، جنهنڪري ئي اڄ تائين چين جهڙي وڏي ۽ مضبوط ملڪ سان پاڪستان جي دوستي قائم آهي. ان کان سواءِ افغانستان، ايران ۽ رُوس سان پڻ ڀٽي صاحب سرحدي ۽ تجارتي لاڳاپا بهتر بڻايا. پيپلز پارٽيءَ جو قيام.

1965ع واري پاڪ – ڀارت جنگ بعد جڏهن روسي رهنمائن جي مدد سان ”تاشقند معاهدو“ عمل ۾ آيو ته ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ايوب خان جي وچ ۾ اختلاف اڀري آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڀُٽي صاحب استعيفا ڏئي ڇڏي. اهڙي عمل سبب سندس شهرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي سنجيدگيءَ سان هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو سوچيو ۽ ان سوچ جو نتيجو اهو نڪتو ته 30 نومبر 1967ع تي ”پاڪستان پيپلزپارٽيءَ“ جو قيام عمل ۾ آيو. ڀٽي صاحب پ. پ جي پليٽ فارم تان ايوب خان خلاف مهم هلائي، جنهن بعد ايوب خان کي اقتدار ڇڏڻو پيو، پر هن اقتدار فوجي سربراهه يحييٰ خان جي حوالي ڪيو. ڀٽي صاحب جي محنت ۽ خدمت جي جذبي سبب 1970ع وارين عام چونڊن ۾ پ . پ. پ اوڀر پاڪستان مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. ڊسمبر 1971ع ۾ جنرل يحييٰ خان ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ گهرايو ۽ 1970ع جي چونڊن بعد اوڀر پاڪستان جي ورهاڱي وارو سانحو پيش آيو ۽ بنگلاديش هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي.

20 ڊسمبر 1971ع تي ڀٽي صاحب هڪ نئين پاڪستان جو اقتدار اچي سنڀاليو، ملڪ ٻه حصا ٿي چڪو هو، اوڀر بنگال جي سانحي بعد ملڪ جون حالتون خراب ۽ خزانو خالي هو، ڀٽي صاحب همٿ ۽ حوصلي کان ڪم ورتو. ملڪ جا 93 هزار فوجي ڀارت ۾ جنگي قيدي هئا ۽ پاڪستان جي ڪجهه زمين به ڀارتي قبضي ۾ هئي، اهڙي مايوسيءَ واري حالت ۾ ڀٽي صاحب قوم کي حوصلو ڏنو. هُن 28 جون کان 3 جولاءِ 1973ع تائين ڀارت جو دوروڪري ان وقت جي وزير اعظم ڀارت اندرا گانڌيءَ سان شملا معاهدو ڪيو، جنهن ڪري پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي آزاد ٿيا، جن ۾ پاڪ فوج جا 252 سينيئر آفيسر به هئا، اهي سڀ ڪنهن به مقدمي هلڻ کان سواءِ آزاد ٿيا ۽ ڀارتي قبضي ۾ آيل ڪجهه علائقا به پاڪستان کي واپس ٿيا. هن پاڪ-ڀارت لاڳاپا سفارتي سطح تي بحال ڪرائڻ ۽ ڪشمير بابت ڳالهين ذريعي نبيري ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي. 1973ع جو آئين: ڀٽي صاحب پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو. اهو 1973ع جو آئين پاڪستان جو پهريون متفقه اسلامي ۽ جمهوري آئين هو ۽ اڄ به وفاق ۽ يڪجهتيءَ جو ضامن آهي.

1971ع ۾ اوڀر بنگال جي علحدگيءَ واري واقعي بعد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جو جمهوري آئين جوڙڻ لاءِ مختلف نظريا رکندڙ پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي. اتفاق راءِ سان اسلامي جمهوري آئين جوڙيو ويو، جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ لاءِ پهريون ڀيرو طريقه ڪار ڏنو ويو. هي آئين بعد ۾ قومي اسيمبليءَ 10 اپريل 1973ع تي منظور ڪيو. 1973ع واري آئين هيٺ ئي هُن، 14 آگسٽ 1973ع تي هڪ خودمختيار وزير اعظم طور حلف کنيو. پنهنجي دور حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيترا ڪامياب قدم کنيا؛ هن پاڪستان کي ائٽمي طاقت فراهم ڪئي؛ 1973ع جو جمهوري ۽ پارلياماني آئين ڏنو؛ ڪيترا نجي ادارا ۽ بئنڪون قومي تحويل ۾ ورتيون؛ ملڪ جي وڏي فولادي ڪارخاني ’پاڪستان اسٽيل ملز‘ جو بنياد رکيو، اسلامي ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي؛ اسلامي سربراهه ڪانفرنس 22 کان 24 فيبروري 1974ع تائين منعقد ٿي، جنهن ۾ دنيا جي مسلم ملڪن جا سڀئي سربراهه ڀُٽي صاحب جي دعوت تي آيا. نتيجي ۾ مسلم ملڪن وچ ۾ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ ان موقعي تي ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. نيوڪليئر پروگرام: ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ائٽمڪ نيوڪليئر پروگرام ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهنڪري کيس ’نيوڪليئر پروگرام جو باني‘ سڏيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾20 جنوري 1972ع تي ذوالفقار علي ڀٽي نيوڪليئر پروگرام جو بنياد وجهڻ لاءِ ملتان ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪرائي، جنهن ۾ 283 سائنسدانن شرڪت ڪئي. اڳتي هلي 1975ع ۾ جرمنيءَ مان تربيت يافته سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پاڪستان گهرايو ويو، جنهن جي رهنمائيءَ ۾ يورينيم ۽ ٻئي ائٽمي مواد جي افزودگيءَ جي ڪري پاڪستان کي 1987ع ۾ نيوڪليئر هٿيارن جي قابليت حاصل ٿي.

ذوالفقار علي ڀٽو بي پناهه صلاحيتن جو مالڪ هو، هن پنهنجي عملي زندگيءَ ۽ صلاحيتن کي عوام جي خدمت ۽ مفادن لاءِ ڪم آندو. هن ملڪ جي ڪيترين ئي اهم صنعتن کي قومي تحويل ۾ ورتو؛ ڪميونٽي ليبر پاليسي متعارف ڪرائي؛ مزدورن ۽ پورهيتن جو معاوضو وڌايو؛ زرعي سڌارا آندا، غريب هارين ۾ زمينون ورهايون، مزدورن ۽ مسڪينن کي گهر فراهم ڪيا ۽ اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو عام ڪيو، جنهنڪري هو غريبن جو مقبول ترين ليڊر بڻجي ويو. ڀٽي صاحب جون پاليسيون ۽ انقلابي سوچ ڪن وڏين طاقتن کان برداشت نه ٿي ۽ انهن هن غير معمولي اڳواڻ کي رستي تان هٽائڻ لاءِ سازشون ڪيون. مارچ 1977ع ۾ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون، جن دوران پيپلز پارٽي حڪومت خلاف منظم رٿابنديءَ سان تحريڪ هلائي وئي، نتيجي طور 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ الحق پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي برطرف ڪري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڇڏي، سيپٽمبر 1977ع ۾ نواب محمد احمد خان جي قتل جي ڪوڙي الزام هيٺ ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. 18 مارچ 1978ع تي هاءِ ڪورٽ کيس موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل وڌي وئي، 6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو، ستن مان ٽن ججن کيس باعزت بري ڪرڻ، جڏهن ته ٽن ججن موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ چيف جسٽس پڻ موت جي سزا منظور ڪئي.

(انسائيڪلو پيڊيا سنديانا تان ورتل)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.