ٿڌ ۽ پارن ۾ احتجاج ڪندڙ بلوچ عورتن ۽ ٻارن جو احساس رڳو اسلام آباد جي حاڪمن کي ناهي؟

تحرير: زرار پيرزادو

¨ اسلام آباد جي پوليس بلوچستان مان آيل عورتن ۽ ٻارن تي نه رڳو تشدد ڪيو پر هڪ مهيني کان لاڳيتو کين پريشان ڪري رهي آهي. ٻيو ته ڇڏيو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ آيل هن مجموعي مان به ڪيترائي شاگرد کنڀيا ويا آهن

¨ اسلام آباد ۾ رهندڙ عام شهري رضاڪاراڻي طور همدردي ۾ بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي راشن، روزاني جي استعمال جون شيون ٿا آڻين ته پوليس انهن کي به روڪي ٿي.

¨ اهو سڀ سيڪيورٽي جي نالي ۾ ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن ته احتجاج ڪندڙ بلوچ عورتن ۽ ٻارڙن کي اصل ۾ اسلام آباد جي پوليس کان ئي خطرو آهي. جيڪا ڳڻتي جي ڳالهه آهي.

¨ ماهه رنگ بلوچ ته اهو به خدشو ظاهر ڪري چُڪي آهي ته اسلام آباد جي پوليس اهڙو ماحول مٿن ڪريڪ ڊائون لاءِ ٺاهي رهي آهي

¨ جيڪڏهن واقعي به اسلام آباد جي حڪمرانن ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ته تاريخي طور ملڪ لاءِ اهو ٻيو وڏو سانحو به ٿي سگهي ٿو. جنهن سان عالمي طور پڻ ملڪ جي بدنامي ٿيندي.

¨ سڄي مُلڪ کي بلوچ عورتن ۽ ٻارن سان همدردي آهي، هيڏي ٿڌ ۽ پارن ۾ کليل آسمان هيٺان عورتن ۽ ٻارن جي ويهڻ جو سوچجي ٿو ته وجود ئي ڪنبجي وڃي ٿو پر جيڪڏهن انهن عورتن ۽ ٻارن جو ڪنهن کي ڪو احساس ناهي ته اهي اسلام آباد جا حاڪم ئي آهن.

¨ جيستائين ماهه رنگ بلوچ جو تعلق آهي ته سندس اعتماد ۽ همت ٻڌائي ٿي ته هوءَ ڪنهن به نتيجي لاءِ ذهني طور تيار آهي.  ان لاءِ سندس زندگي اهم ناهي پر هُوءَ هڪ وڏي مقصد لاءِ فيصلائتي جنگ وڙهڻ آئي آهي. جنهن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

¨ جنهن نياڻيءَ پنهنجي پيءُ جو چچريل لاش ڏٺو هجي، جنهن پنهنجي ڀاءُ کي پڻ کنڀيل ۽ لاپته ٿيل ڏٺو هجي تنهن کي ”موت“ جو ڀلا هاڻي ڪهڙو خوف هوندو.

¨ سمجهڻ ته انهن طاقتن کي گهرجي جن هڪ گهر جي هڪ فرد کي قتل ڪيو ته ان گهر مان ٻه ٻيا باغي فرد پيدا ٿيا. غلط پاليسين سببب حاڪم پاڻ پنهنجي ملڪ جي عوام کي پاڻ مان بيزار ڪري رهيا آهن.

¨ اسلام آباد ۾ رهندڙ حاڪمن کي اهو سونهري موقعو هو ته اهي بلوچستان مان ماهه رنگ جي اڳواڻي ۾ آيل سوين عورتن ۽ ٻارڙن جي احتجاج کي مان ڏئي ڪري پنهنجي عزت ڪرائين ها ۽ بلوچن جون دليون کٽي ڏيکارين ها.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسلام آباد جي حاڪمن پنهنجي جارحاڻي ۽ غير انساني ورتاءُ سان ثابت ڪيو آهي ته انهن نه ماضيءَ مان ڪجهه سکيو آهي ۽ نه ئي اڳتي سکڻ جو ڪو ارادو رکن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.