پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوري جون عادي، شفاف چونڊن جو امڪان اونداهو آهي : پلڊاٽ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي  PLDAT))  2023ع ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي معيار جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2023ع پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ هڪ ٻيو ڏکيو سال هو، سال جي پڄاڻيءَ تي جمهوريت تمام گهڻي بحران ۾ هئي. ڦاٿل، عالمي تھنڪ ٽينڪ پاڪستان کي چونڊ  آمريت قرار ڏنو. پلڊاٽ ملڪ ۾ جمهوريت جي معيار تي سالياني رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته 2018ع وانگر 2024ع جون چونڊون به شفاف ٿيندي نظر نه ٿيون اچن، شفاف چونڊن جو امڪان اونداهو نظر اچي رهيو آهي. پلڊاٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2024ع جو چونڊ عمل جاري آهي، عالمي جمهوريت جي درجي بندي واري ٿنڪ ٽينڪس پاڪستان کي چونڊ ( اليڪشني) آمريت قرار ڏنو آهي، گذريل ستر سالن کان ڪو به درست قدم نه کنيو ويو آهي. پلڊاٽ چيو آهي ته سياسي پارٽيون ۽ پاپولر اڳواڻ مسلسل اعتماد جي بحران جو شڪار آهن، سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن جي سياسي قسمت جو دارومدار انهن جي مقبوليت يا پاليسين تي نه پر اسٽيبلشمينٽ کي هاڪاري طور مصروف رهڻ تي آهي. پاڪستان ۾ سياسي عمل سياسي مهمن کي اسٽيبلشمينٽ جي حامي ۽ مخالف جي وچ ۾ ڦهلائڻ تي مجبور ڪري ٿو. سينيٽ تقرير ڪلب ۾ تبديل ٿي وئي، هر بامعني سيشن الزام تراشي ۽ مخالفن تي چٿرن جي ور چڙهيو، صوبائي اسيمبليون رٻڙ اسٽيمپ طور استعمال ٿيون. اڻ چونڊيل نگران حڪومتن جو ڊگھو مدو برقرار رکڻ جمهوريت ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي. سياسي عمل ۾ بار بار مداخلت جي باوجود، سياسي پارٽيون ٽٽل ڦٽل حڪومتون ٺاهڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستيءَ جون عادي نظر اچن ٿيون. پلڊاٽ چيو آهي ته رٽائر آرمي چيف سياسي ۽ چونڊ عمل ۾ پاڪ فوج جي مداخلت جو عوامي سطح تي اعتراف ڪيو. 5 سالن جي عرصي ۾ صوبائي اسيمبلين ڄاڻي واڻي پوئتي هٽڻ شروع ڪيون ۽ شهرين کان عوامي معلومات کسي ورتي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن جي شيڊيول ۽ تاريخ بابت فيصلا ڪندڙن کي مجبور ڪرڻ جمهوري حوالي سان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪاميابي آهي، 2023ع ۾ راءِ جي آزادي، قومي معيشت ۽ سياسي استحڪام ۾ ڪا بهتري نظر نه آئي، پريس، اليڪٽرانڪ ۽ سماجيات ميڊيا کي استعمال ڪيو ويو. چونڊن ۾ دير جو مطلب نگران حڪومتن جي قيام کي طول ڏيڻ آهي ۽ نگران حڪومتن جو ڊگهو مدو غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي. پلڊاٽ چيو آهي ته 2018ع جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، مختلف شهرن ۾ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جون خبرون آيون آهن، پر اميدوارن طرفان ڪاغذ جمع نه ڪرائڻ جون خبرون سامهون آيون آهن ڪن کان فارم کسيا ويا آهن. صدر عارف علوري پي ٽي آءِ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عهدي جو استعمال ڪيو، سياسي پارٽيون جي ايڇ ڪيو جي حمايت ملڻ ۾ مصروف رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.