ڊيرا اسماعيل خان ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته ادارا هڪ طرف ٿي وڃن ته ملڪ هلندو، ن ليگ ملڪ کي ترقي ڏني آهي، اسان ساڻن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڊيرا اسماعيل خان ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن ووٽن جو ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو، ٿڌ جي ڪري پولنگ اسٽيشنون نه ٺهي سگهيون ته اهو ڌانڌلي جو رستو کولڻ برابر هوندو. مولانا چيو ته افغانستان سان منهنجا پنهنجا لاڳاپا آهن، جن کي استعمال ڪندس، جيڪڏهن افغانستان تي اثر رسوخ آهي ته اهو منهنجي ملڪ جي مفاد لاءِ آهي، دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغانستان جو شڪر گذار آهيان، ملڪ جي پرڏيهي وزير ۽ حڪومت کي ان معاملي تي اعتماد ۾ وٺي پوءِ وڃي رهيو آهيان. مولانا فضل الرحمان چيو ته دوست پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي بهتري جو سبب بڻجن، پاڙيسري هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، افغانستان ۾ غلط فهميون ۽ بدامني پيدا ٿي چڪي آهي، انهن سڀني ڳالهين کي حل ڪرڻ اسان جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو آهي ته مان ادارن ۾ ٽڪراءَ جو حامي ناهيان. ن ليگ جي حوالي سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ن ليگ ملڪي کي ترقي ڏني آهي، اسان ساڻن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اڳ به هڪٻئي سان چونڊون وڙهيون آهن، ان مينڊيٽ آهي کي قبول ڪيو وڃي ٿو، واحد پي ٽي آءِ باني جو مينڊيٽ هو جنهن کي قوم تسليم نه ڪيو.