گم ٿيل بلوچن جي وارثن جو احتجاج ۽ نگران وزيراعظم جون ڳالهيون !

تحرير:سيد مجاھد علي

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ جذباتي پريس ڪانفرنس ڪندي اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين جي احتجاج ۽ مٿن پوليس تشدد تي هر قسم جي تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو. هن دعويٰ ڪئي ته 98 سيڪڙو بلوچ پاڪستان جا حامي آهن. ملڪ ۾ ’نئين بنگلاديش‘ ٺهڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي خبر هئڻ گهرجي ته ”هي نه 1971ع آهي ۽ نه ئي ڪو بنگلاديش بڻجڻ وارو آهي.“

انوار الحق ڪاڪڙ کي ان ڳالھھ تي ڪاوڙ ھئي ته گم ٿيل بلوچ شهرين جي وارثن جو احتجاج تھ قبول ڪري سگهجي ٿو پر انهن جي حمايت ڪندڙن کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. هن دعويٰ ڪئي ته اهي ماڻهو حقيقتن کي سمجهڻ کانسواءِ بلوچ مظاھرين  جي حمايت پيا ڪن. حالانڪھ بلوچستان ۾ تھ عليحدگي پسندن کان سوال ڪندڙن کي گولي هنئي وڃي ٿي. نگران وزيراعظم صلاح ڏني ته بلوچ مظاهرين جي حمايت ڪندڙ، بلوچ عليحدگي پسند ڪيمپ ۾ شامل ٿين، جيئن خبر پوي ته اسان ڪنهن سان ڊيل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بلوچ عليحدگي پسند ڀارتي ايجنسي را کان پئسا وٺي ماڻهن کي مارين ٿا.

جيتوڻيڪ وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس جو ڌيان بلوچ عورتن جو احتجاجي ڪيمپ هو، پر هن احتجاج ڪندڙن تي سڌي تنقيد ڪرڻ بدران اهو چئي معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”اهڙا احتجاج ٿيندا رهندا آهن، هاڻي به ٿي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ٿيندا رهندا، پر اسان جو مسئلو انهن جي، بي بنياد حمايت ڪندڙن سان آهي، جيڪي رياست ۽ دهشتگردن جي ويڙهه ۾ رياست جي خلاف بيٺل نظر اچن ٿا“. وزيراعظم اصل ۾ پنهنجو غصو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هڪ بلوچ هوندي بھ بلوچ مظاهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ موجود هجڻ باوجود مظاهرين تي پوليس تشدد ڪيو.

پريس ڪانفرنس ۾ انوار الحق ڪاڪڙ جو بيان ڪنهن ڪٺ پتلي حڪمران وانگر ڪمزور موقف هو. ھن جي لفظن ۾دليل کان وڌيڪ ڪاوڙ ڏسڻ ۾ آئي.هن قانون جي بالادستي ۽ گم ٿيل ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي سڌي جواب ڏيڻ بجاءِ بلوچ عليحدگي پسندن کي دهشتگرد قرار ڏئي هڪ جائز مطالبي جي حامين کي ملڪ دشمن ثبات ڪرڻ جي وائڙي ڪوشش ڪئي.

نگران وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس جا ٽي پهلو اهم آهن. پريس ڪانفرنس جي رپورٽنگ مان انوار الحق ڪاڪڙ جو موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته هيٺيان نقطا سامهون اچن ٿا: ھڪ:  احتجاج ڪندڙ بلوچن سان اسان جو ڪو به جهيڙو ناهي، پر سندن خاندان جا فرد دهشتگردي ۾ ملوث هوندا ته کين معاف نه ڪبو. هن ان بنيادي نقطي جو جواب ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ته گم ٿيل ھزارين ماڻھن جي باري ۾ رياست يا حڪومت معلومات پڌري ڪرڻ کان ڇو انڪاري آهي، مبهم ۽ ناقابل قبول جواب ڏئي عوام کي ڇو دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. رياست گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جو اعتراف ڪري چڪي آهي ۽ معاملي جي انتها تائين پهچڻ لاءِ ڪميشن به جوڙي وئي آهي. سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ عدليه حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا جوابده بڻائي چڪي آهي پر حڪومت/ رياست نه ته پاليسي تبديل ڪئي آهي ۽ نه ئي غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير انساني طريقي جي خاتمي لاءِ قدم کنيا آهن.

اهڙن غير قانوني معاملن تي دهشتگردي ۽ دشمن ايجنسين جي وچ ۾ تعلق جي مبهم ۽ اڻ تصديق ڳالهه ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هاڻي اهو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ وارو آهي. بهتر ٿيندو ته انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اٽارني جنرل ذريعي سپريم ڪورٽ جي بينچ آڏو پيش ڪيا وڃن ته جيئن اهو معاملو هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي. پر نگران وزيراعظم به ڄاڻي ٿو ته ھي معاملو ايترو سادو ناهي. ان ڪري جذباتي انداز ۾ حق جي ڳالهھ ڪندڙ فردن يا گروهن کي رياست دشمني جو طعني جھڙي ڌمڪي ڏئي معاملي کي وساري ڇڏڻ جي صلاح ڏني پئي وڃي.

ٻيو؛ وزيراعظم جو ٻيو نقطو هو ته ملڪ جو عدالتي نظام بلوچ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن پر عدالتون 9 ماڻهن کي به سزا نه ڏئي سگهيون آهن. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته دهشتگرد ”را“ کان پئسا وٺي ،اسي ،نوي ماڻهن کي قتل ڪن ٿا.پريس ڪانفرنس جو هي حصو اھڙو وائڙو آهي جو اھو سمجهڻ ڏکيو آهي ته ملڪ جي وزارت اعظميٰ جي منصب تي عبوري دور لاءِ ئي سھي ھڪ اهڙو شخص مڙھيل آھي. جنهن جي ڳالھين ۾ نھ ڪو ربط آھي نھ ئي دليل ڏيڻ جو طريقو اچي ٿو.ڪلام ڪرڻ جو  اهو انداز ظاھر ڪري ٿو تھ آئي ڏينھن اھڙا واقعا ٿين ٿا.ڀاڙي جا قاتل انتظار ۾ رھندا آھن تھ ”را“ پئسا ڏئي تھ اھي اسي،نوي ماڻھون ماري ٿا ڇڏين.وزيراعظم کي نھ ثبوت ڏيڻ جي ضرورت آھي نھ ئي ڪنھن واقعي جو حوالو ڏئي ڳالھھ سمجھائڻ اھم سمجھيو ويو.  ان دعويٰ جو بھ ڪهڙو بنياد آهي ته 90 هزار ماڻهو قتل ٿي چڪا پر عدالتن 9 ڄڻن کي بھ سزا  نه ڏئي سگهيون. هتي هو ڄاڻي واڻي نائين  اليون کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف  ٿيندڙ جنگ ۾ پاڪستان جي نقصان جو حوالو ڏئي رھيو ھو،

جيتوڻيڪ بحث وارو معاملو بلوچستان جي ماڻھن جو احتجاج ۽ موجود ناراضگي بابت ھو. ڄاڻي واڻي اھڙي مغالطي پئدا ڪرڻ جي ڪوشش  ناجائز آھي ۽ ڪنھن ذميوار شخص کي نٿي سونھي.  پر ڏٺو وڃي ته ملڪ جو وزيراعظم ان غلط بياني جي سھاري هڪ صوبي جي عوام جي ناانصافين خلاف احتجاج کي غلط ثابت ڪرڻ جي غلط ڪوشش ڪري رهيو آهي. دهشتگردن خلاف آمريڪي جنگ جو حصو بڻجي پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر ڇا اڄ تائين ڪنهن حڪومت ان پاليسي کي غلط قرار ڏنو آهي؟ يا ان بابت باقاعدھ تحقيق ڪرائي نفعي ۽ نقصان جي حساب جي ڪوشش ڪئي وئي ؟  البتھ نعري بازيءَ جي حد تائين ويهن سالن جي عرصي ۾ مارجي ويلن جي انگن اکرن جو حوالو ڏئي ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ضرور ڪجي ٿي.

ان جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد ڪڏهن اسي هزار ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪڏهن نوي هزار ٿي وڃي ٿو. يعني ان عرصي دوران جاني نقصان جو ڪو به دستاويزي ثبوت فراهم ڪري سرڪاري طور تي موت جو اصل انگ اڃا تائين طئي نه ڪيو ويو آهي. ھن دهشتگردي کي بلوچ علحدگي پسندن جي ظلمن سان ڳنڍڻ ۽ ان کي بلوچستان جي مسئلن جي حوالي سان دليل طور پيش ڪرڻ نامناسب ۽ غير ضروري چڙ ڏيارڻ آهي، جنهن سان ملڪي  يڪجھتي جو مقصد حاصل نه ٿيندو.

ان دليل سان نگران وزيراعظم ملڪي عدالتي نظام کي غير فعال ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن جو جواب تھ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻ وزيراعظم يا حڪومت پاڪستان کان طلب ڪري سگهي ٿو.

بهرحال ملڪ جو عام شهري وزير اعظم کان اهو سوال ضرور ڪري سگهي ٿو ته جيڪڏهن ملڪ جو عدالتي نظام دهشتگردن کي سزا ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته ڇا ان جي سزا ماڻھن کي  بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ماڻهن کي غائب ڪري يا قتل ڪري ڏني ويندي ؟ يعني وزيراعظم عدالتن کان قانون لاڳو ڪرڻ جو جيڪو مطالبو ڪري رهيو آهي، ان جي حڪومت ۾ رياست خود ئي ان تي عمل تي آمادھ  ناهي. بلڪه عدالت کان مٿاھين قتل کي رڳو ان دليل جي بنياد تي جائز  چيو پيو وڃي ته عدالتون ناڪام آهن.يعني حڪومت جي مرضي جي مطابق قانون تي عمل  نھ ڪرائيندڙ عدالتون ناڪام آهن، پر قانون ٽوڙيندڙ حڪومت جائز ۽ درست آهي. اهو منطق انوار الحق ڪاڪڙ کان سواءِ شايد ئي ڪو سمجهي سگهي.

ٽيون؛ وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس جو ٽيون نقطو ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن بابت هو. جيتوڻيڪ هن چيو آهي ته” مان 8 فيبروري تي ووٽ وجهڻ ويندس. چونڊون ٿينديون ۽ ان کي پرامن بڻايو ويندو“ پر ساڳئي ساھي ۾ هو اهو به چوڻ آھي  ته ”سيڪيورٽي اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي.دهشتگردي جي نئين لهر تي ضابطو آڻي چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا. ملڪي سيڪيورٽي اهم مسئلو آهي. مولانا فضل الرحمان تي گذريل ڏينهن حملو ڪيو ويو هو. خدا جو شڪر آهي ته ھو اتي نه هو.“ پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي ان بيان سان گڏ مولانا فضل الرحمان جو اهو مطالبو هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون آيو آهي ته چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، ٻن صوبن ۾ سيڪيورٽي جا مناسب انتظام نه ٿيا ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جي سبب چونڊون ملتوي ڪيون وينديون.

وزيراعظم چونڊن جي ڳالهه ڪندي، جڏهن سيڪيورٽي کي اهم مسئلو قرار ڏئي ٿو ۽ بلوچستان جهڙي نازڪ ۽ سنگين مسئلي تي غير سنجيده رويو اختيار ڪندي جذباتي طريقي سان حقن جي ڳالهه کي رد ڪري ٿو،تھ ھن جو لھجو ڪنھن اھڙي وزيراعظم جو محسوس نٿو ٿئي جيڪو ڪجھھ ھفتن ۾  اقتدار جي واڳ ڪنھن چونڊيل حڪومت  حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ھجي.

جيتوڻيڪ بحث وارو معاملو بلوچستان جي ماڻھن جو احتجاج ۽ موجود ناراضگي بابت ھو. ڄاڻي واڻي اھڙي مغالطي پئدا ڪرڻ جي ڪوشش  ناجائز آھي ۽ ڪنھن ذميوار شخص کي نٿي سونھي.  پر ڏٺو وڃي ته ملڪ جو وزيراعظم ان غلط بياني جي سھاري هڪ صوبي جي عوام جي ناانصافين خلاف احتجاج کي غلط ثابت ڪرڻ جي غلط ڪوشش ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.