پاڻي زندگيءَ جي بنيادي گهرج آهي، جنهن بابت اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چُڪا آهيون، اسان ڪيترائي ڀيرا پاڻي پيئڻ جي مقدار، ان جي طريقن ۽ فائدن بابت ٻڌايو آهي پر اڄ اسان ٿڌي پاڻي پيئڻ جي ڪجهه نقصانن جي ڳالهه ڪنداسين جن کي به ڪنهن به حوالي سان نظر انداز نٿو ڪري سگهجي
بو علي سينا جو چوڻ آهي ته ٿڌي پاڻي پيئڻ جي عادت جيڪڏهن توهان کي جوانيءَ ۾ بيمار نٿي ڪري ته ڪراڙپ ۾ اها توهان کي سخت ترين بيمار ڪندي.