سنڌ ۾ ٻارن جي اداڪاري تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي حڪومت فلمن، ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن لاءِ هڪ خاص آرڊيننس تيار ڪيو آهي جنهن تحت ٻارن کان تدريسي وقت ۾ ڪم نه وٺي سگهبو.
سنڌ چلڊرن ڊراما انڊسٽري آرڊيننس 2024 موجب 18 سالن کان ننڍي عمر جي فنڪارن کان رات دير تائين به ڪم نه وٺي سگهبو، سندن حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ هڪ ڪاميٽي ان تي ڪارروائي ڪري سگهندي.
راندين ۽ ثقافت واري وزير جنيد علي شاهه ان معاملي تي هڪ خابرو اداري کي ٻڌايو آهي ته نه رڳو اسڪول جي وقتن پر رات دير تائين به عڪسبندي نه ڪري سگهبي.
هن چيو ته اهو قانون هر قسم جي پرفارمنس تي لاڳو هوندو جنهن ۾ ڊراما، فلم، ٿيٽر، اشتهار سڀ شامل آهن ڇو ته اسان کي ٻارن کي بگاڙڻو نه سڌارڻو آهي، تعليم ڇڏرائيندڙ ڪو به ڪم اهم ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.