اڌ رات جو اوچتو ننڊ ڦٽي وڃي ٿي؟ سبب ڄاڻيو؟

ڇا روز سُمهڻ کان پوءِ اڌ رات جو اوچتو اک کُلي ويندي آهي؟

جيڪڏهن ها ته ائين سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان ٿيندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته رڳو آمريڪا ۾ ٽيون حصو ماڻهو هر هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڀيرا اڌ رات جو جاڳندا آهن ۽ انهن ۾ 40 سيڪڙو کي ٻيهر سمهڻ ۾ ڏکيايون پيش اينديون آهن.

پر ائين ٿيندو ڇو آهي ۽ ڇا ان کان بچڻ ممڪن آهي؟

تنهنڪري اُهي سبب ڄاڻيو جيڪي اوهان کي روز اڌ رات جو جاڳڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿا.

ڪمرو گھڻو گرم يا ٿڌو هوندو آهي يا اتي روشني ۽ گوڙ هوندو آهي

هر فرد جي ننڊ جون عادتون مختلف هونديون آهن ۽ انهن جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته ننڊ ڪيتري گھري آهي.

اسان جي ننڊ 4 مختلف مرحلن مان گذرندي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ ننڊ سان وڌيڪ هلڪي هوندي آهي.

تنهنڪري ان مرحلي ۾ ڪمري ۾ گوڙ يا روشني هجڻ سان اکيون فورن کُلي وينديون آهن.

اهڙيءَ طرح ڪمرا گھڻو گرم يا ٿڌو ٿي وڃي ته ننڊ ڦٽي ويندي آهي.

جيڪڏهن ڪمري ۾ اڪثر گوڙ يا روشني هوندي آهي ته ان جو حل اهو آهي ته ايئر پلگ ۽ آءِ ماسڪ جو استعمال ڪريو.

انزائٽي

انزائٽي اهڙو ذهني عارضو آهي جيڪو اڌ رات جو ننڊ مان جاڳائي ڇڏيندو آهي.

حقيقت ۾ انزائٽي جي هڪ عام ملامت بي خوابي آهي.

انزائٽي جو شڪار ماڻهو گھٻڙاهٽ يا پريشاني کي گھڻو محسوس ڪندا آهن يا ننڊ دوران اوچتو اک کُلي ويندي آهي جنهن کان پوءِ ٻيهر سمهڻ ڏکيو هوندو آهي.

ان کان بچڻ جو طريقو اهو ئي آهي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي جيڪو مرض جي سڃاڻپ ڪري علاج تجويز ڪندو.

گھوگھرا سليپ ايپنا

گھڻو ڪري هڪ لوڏي سان ننڊ مان اٿي پوندا آهيو ۽ ساههه کڻڻ م ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي ته سليپ ايپنا نالي عارضو ان جي پٺيان ٿي شگهي ٿو.

سليپ ايپنا جو شڪار ماڻهن جو ساهه ننڊ دوران هر هر بيهجندو آهي جنهن سان گھوگھرن جي آوازن سان گڏ طبي پيچيدگين جو خطرو به وڌندو آهي.

ان کان بچڻ لاءِ ڊاڪٽر ئي اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿو.

سمهڻ کان ڪجهه دير اڳ کائڻ يا ڪيترائي ڪلاڪ اڳ کائڻ

سمهڻ جي وقت ويجهو پيٽ ڀري کائي سمهڻ ڏکيو هوندو آهي يا ننڊ دوران هر هر اک کُلي ويندي آهي.

ان جو سبب اهو آهي جو کائڻ سان معدي ۾ موجود تيزابي پاڻياٺ نڙيءَ ڏانهن اچي ويندي آهي جنهن سان سيني ۾ جلن ٿيندي آهي ۽ ننڊ ڦٽي ويندي آهي.

ٻي پاسي ننڊ جي وقت سان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ کائڻ سان به اڌ رات جو اک کُلي سگھي ٿي.

ان جو سبب بُک هوندي جيڪا سٺي ننڊ حاصل ڪرڻ ڏکيو بڻائيندي آهي.

انهن ٻنهي کان بچڻ جو طريقو به سولو آهي ۽ اهو اِهو آهي ته سمهڻ کان 2 کان 3 ڪلاڪ اڳ کائڻ کي عادت بڻائجي.

مثاني جو متحرڪ ٿيڻ

مثانو گھڻو متحرڪ هوندو آهي تنهنڪري اوهان کي رات ۾ ڪيترائي ڀيرا پيشا ڪرڻ لاءِ اٿڻو پوندو آهي.

مثاني جي وڌيڪ متحرڪ هجڻ يا پيشاب جي نالي سوڄ جو شڪار ٿي وڃي ته اڌ رات جو اُٿي ٽوائلٽ جو رخ ڪندا آهن.

اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڀيرا رات جو سمهڻ کان اڳ وڌيڪ مقدار ۾ پاڻ پيئڻ سان به ان مسئلي کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.

شگر جي مريضن ۾ اهو مسئلو گھڻو عام هوندو آهي، خاص طور تي ان وقت جڏهن بلڊ شگر ليول کي ڪنٽرول نه رکيو وڃي.

ان مسئلي کان بچڻ لاءِ رات جو سمهڻ کان اڳ گھڻو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪريو، جيڪڏهن پوءِ به ننڊ ڦٽي وڃي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو ته جيئن مرض جي درست سڃاڻپ ٿي سگھي.

ٿاءِ رائڊ مرض

تاءِ رائڊ ڳلي ۾ موجود اهڙو غدود هوندو آهي جيڪو مختلف هارمونز جو ڪم ڪندو آهي.

جڏهن ٿاءِ رائڊ گھڻا متحرڪ هوندا آهن ته اهي thyroxine نالي هارمون وڌيڪ بڻائڻ لڳندا آهن جيڪو جسم جي مختلف حصن تي اثرانداز ٿيندو آهي.

ان جي ڪري سمهڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، دل جي ڌڙڪي جي رفتار وڌي ويندي آهي جڏهن انزائٽي کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي.

بي خوابي

بي خوابي ننڊ جو عام ترين عارضو آهي جنهن دوران سمهڻ يا ننڊ جو تسلسل برقرار رکڻ گھڻو ڏکيو هوندو آهي.

ان سان ڏينهن جي وقت گھڻو ٿَڪُ محسوس ٿيندو آهي ۽ روزمرهه جي ڪمن دوران ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

بي خوابي کان بچڻ لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

ان کان هٽي ڪري روز سمهڻ ۽ جاڳڻ جو هڪ وقت چونڊيو، منجهند جو سمهڻ کان پاسو ڪريو ۽ ڏينهن جو ورزش ٿيندو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشهورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.