آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.1 ارب ڊالر قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ قرض پروگرام جي آخري قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايم ايف طرفان باضابطا طور جلد پڌرائي جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب واشنگٽن ۾ پاڪستان بابت آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان کي هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر فوري طور جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف آخري قسط جي منظوري اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت ڏني آهي، 3 ارب ڊالر قرض پروگرام تحت پاڪستان کي 1.9 ارب ڊالر اڳ ئي ملي چڪا آهن.
اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ طرفان پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جو اعتراف به ڪيو ويو.
واضح رهي ته آءِ ايم ايف جي رقم منتقل ٿيندي ئي 9 مهينن تي ٻڌل اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ مڪمل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.