سعودي عرب ۾ ڇوڪريءَ کي هراسان ڪندڙ ڀارتي شهري گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڇوڪريءَ کي پريشان ۽ هراسان ڪندڙ ڀارتي شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي الشرقيه پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته ڄاڻايل ڇوڪريءَ کي ڀارتي شهري گهڻي عرصي کان هراسان ڪري رهيو هو ۽ سمجهائڻ باوجود نه مڙيو، جنهن تي ڇوڪري پوليس کي دانهن ڏني.
جاچ ۾ الزام درست ثابت ٿيڻ تي ڀارتي شهري کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس خلاف ڏوهه ثابت ڪرڻ لاءِ گهڻو مواد موجود آهي.
پوليس دانهيندڙ عورت جو نالو ڳجهو رکيو آهي، جڏهن ته في الحال جوابدار جي سڃاڻپ به ظاهر ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته سعودي عرب ۾ قانون تحت هراسان ڪرڻ جي ڏوهه جي سزا ٻه سال قيد ۽ هڪ لک ريال ڏنڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.