غزا ۾ امن بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فلسطيني رياست جو قيام امن لاءِ تمام ضروري آهي، غزا ۾ امن بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.
وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي پڄاڻي واري سيشن سان خطاب ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو، غزا جي صورتحال تي ڳالهائڻ تي هال تاڙين سان گونجي اٿيو.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته غزا ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان سخت متاثر ٿيو، موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار ناهي، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، ڏکيائيون آهن پر ڪجهه به ناممڪن ناهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڏي پئماني تي سڌارا آڻي رهيا آهيون، سعودي عرب سميت دوست ملڪن پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.