تڪراري وڊيوز تي سزا ماڻيندڙ مشهور عراقي ٽڪ ٽاڪر قتل

بغداد (ويب ڊيسڪ) مشهور عراقي ٽڪ ٽاڪر غفران سوادي المعروف اُم فهد کي قتل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب غفران سوادي کي جمعي ڏينهن بغداد ۾ سندس گهر ٻاهران اڻڄاتل ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غفران سوادي تي فائرنگ جا منظر سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ محفوظ آهن.
وڊيو ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هڪ شخص کي گهر ڀرسان ايندي ڏٺو ويو، پوءِ هو موٽر سائيڪل بيهاري هڪ ڪار ڏانهن ڀڄي ٿو ۽ پوءِ گاڏي تي فائرنگ ڪندي فرار ٿي وڃي ٿو.
رپورٽ موجب ڪيس جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدار جي سڃاڻپ اڃا ناهي ٿي.
عراقي عدالت طرفان فيبروري 2023 ۾ غفران سوادي جي ڪجهه سوشل ميڊيا وڊيوز کي فحش ۽ اخلاقيات جي خلاف قرار ڏنو ويو هو ۽ ٽڪ ٽاڪر کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.