ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي سيشن ڪورٽ مشهور وڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪوئيٽا جي علائقي قائدآباد ۾ ڇوڪرين جو اڻوڻندڙ وڊيو ٺاهڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سيشن جج پرويز احمد بلوچ قرار ڏنو ته فريادي وڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ ڪيس جي ثابت نه ڪري سگھيا، ڪنهن به معقول شڪ کان مٿانهون الزام لڳايو ويو آهي، اپيل ڪندڙ ڪيس ۾ الزام کان بري آهن، ٽرائل ڪوڙ جو فيصلو اعتماد جوڳو نه آهي.
عدالت ٽرائل ڪورٽ جي 11 آڪٽوبر 2023ع جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو.
واضح رهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت جوابدارن کي ٽي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ اسڪينڊل جي ٻن مرڪزي ڪردارن هدايت الله ۽ خليل تي 5،5 لک رپين جو ڏنڊ مڙهيو ويو.
واضح رهي ته ڪوئيٽا جي علائقي قائدآباد ۾ پيش آِل واقعي جي ٻنهي جوابدارن تي الزام ه ته 27 ڊسمبر 2021ع ۾ هڪ ڇوڪري کي گھر ۾ قيد ڪري سندس نازيبا وڊيو بڻائي، جوابدارن وٽان وڌيڪ ڇوڪرين جون به نازيبا وڊيوز هٿ آيون هيون.
You might also like