بدين: خانگي اسپتال جو چوڪيدار پراسرار نموني فوت

بدين (ويب ڊيسڪ) بدين جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ نوڪري ڪندڙ چوڪيدار پراسرار نموني فوت

چوڪيدار امجد پٽ بچايو خاصخيلي مڙهه مليو اطلاع تي بدين پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو.

خانگي اسپتال انچارج ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان رات جي وقت اسپتال ۾ چوڪيدار ھو رات ڪمرو بند ڪري سمھي رھيو صبح جو نه اٿڻ سبب اسان ڪمري جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿياسين ته نوجوان مُئل حالت ۾ مليو.

مبينا فوتي نوجوان جي پيءُ ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ خانگي اسپتال اندر فوت ٿيو صبح جو اطلاع مليو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد خبر پوندي ته ڪھڙي سبب فوت ٿيو آھي.

ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي بدين پوليس شروعاتي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.