حسان نيازيءَ کي فرار ڪرائڻ وارو ڪيس، علي زيدي ۽ حليم عادل تي فرم جرم لاڳو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )ڪراچي جي مقامي عدالت حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس ۾ علي زيدي ۽ حليم عادل شيخ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ سٽي ڪورٽ مان حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پوليس حليم عادل شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته علي زيدي به عدالت جي روبرو پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي حسان نيازي کي سٽي ڪورٽ کان فرار ڪرائڻ جوالزام آهي ۽ ان خلاف سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

عدالت علي زيدي ۽ حليم عادل شيخ مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.