پاڪستاني ڪوچ احمد شهزاد بابت وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي هاءِ پرفارمنس ڪوچ ياسر عرفات، احمد شهزاد کي نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ موقعو ڏيڻ بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.
نيوزيلينڊ جي دوري کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ڪيمپ جي آخري ڏينهن ياسر عرفاق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ احمد شهزاد جو برو وقت هلي رهيو هو پر هاڻ هو سٺي رڌم ۾ آهي، هو پرفارم ڪري رهيو آهي کيس موقعو ضرور ملندو.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏجي ڪم ڪرڻ واري سوال تي سندس چوڻ هو هتي شارٽ ٽرم معاهدي تي آيو آهي، ڪيمپ ۾ رانديگرن کي سندن غلطين کان آگاهه ڪري ڪجهه بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪيويز خلاف سيريز ۾ اسان جا رانديگر بهتر نظر ايندا.
بابر ۽ رضوان بابت سندس چوڻ هوته ٻنهي رانديگرن سان ملاقات ناهي ٿي پر نيوزيلينڊ پهچي سڀني سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي هاءِ پرفارمنس ڪوچ ياسر عرفاق فيلڊنگ کي ڪاميابي جي ڪنجي قرار ڏيندي چيو ته رانديگرن کي اِها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن پاڪستان لاءِ ڊگهي عرصي تائين کيڏڻو آهي ته کين، بيٽنگ، بالنگ سان گڏوگڏ فيلڊنگ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي سرزمين تي هڪ خطرناڪ مخالف آهي پر پاڪستاني ٽيم جوڪامبينيشن زبردست آهي، گرين شرٽس ڪيويز کي هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.