شهدادپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

شھدادپور (عوامي آواز نيوز) شھدادپور ۾ عيدگاھ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ مهر علي ٽالپر واسي 48 ورهين جو موٽر سائيڪل تي سوار ذولفقار علي ولد باغ علي ٽالپر سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي ڪري لاش کي  وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊي ايس پي شھدادپور امتياز علي ڊومڪي ۽ ايس ايڇ او شھدادپور ٻڌايو ته فرار ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون، جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، مقتول جي سالي خدابخش ٽالپر ٻڌايو ته 7 مھينا اڳ  مقتول جي پٽ شھزاد ٽالپر اسلم، رفيق زرداري وارن جي ڌر جي ڇوڪري سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو جنھن جو راڄوڻي فيصلو ڪري ڇوڪري واپس به ڪئي وئي، زردارين فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري پيڇو ڪري وچ شھر ۾ سڌي فائرنگ ڪري ذوالفقار ٽالپر کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.