بنگل ديرو ۾ 10 ڏينهن اڳ پرڻيل ناريءَ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ

رتوديرو (عوامي آواز نيوز) رتوديرو لڳ بنگل ديرو ۾ 10 ڏينهن اڳ پرڻيل ناريءَ جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو  25 سالن جي نيلوان ڀٽو جي  مامي غلام نبي ڀٽو چيو آهي ته نيلوان جي 10 ڏينهن رتيديري واسي دائود سان شادي ٿي هئي، مامي غلام نبي ڀتو موجب شادي بعد مڙس نيلوان تي تشدد ڪندو هو، بيمار ٿيڻ تي اسان نياڻيءَ کي علاج لاءِ گهر وٺي آياسين، نيلوان گهر جي ڇت ۾ رئو ٻڌي آپگهات ڪيو، پوليس ناريءَ جو لاش تعلقي اسپتال رتيديري منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.