ٽي ٽي پي وٽ افغانستان ۾ آمريڪا طرفان ڇڏيل هٿيار هجڻ جا وڌيڪ ثبوت هٿ

اسلام آباد (م ڊ ) افغانستان مان آيل پرڏيهي هٿيارن جي پاڪستان ۾ استعمال جا ثبوت هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون اچي ويا آهن. سرڪاري نشرياتي اداري ’پي ٽي وي نيوز‘ موجب پاڪ فوج گذريل 2 ڏهاڪن کان پابندي مڙهيل تنظيم  تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) خلاف دهشتگردي جي جنگ وڙهي رهي آهي. ٽي ٽي پي جي دهشتگردن وٽ افغانستان ۾ آمريڪا طرفان ڇڏيل هٿيارن موجود آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ٽي پي کي هٿيارن جي فراهمي خطي جي سلامتي کي وڏو نقصان پهچايو آهي، ٽي ٽي پي کي هٿيارن جي فراهمي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ واڌ جو سبب بڻي آهي. 29 ڊسمبر تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر راهزيب سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا. بلوچ لبريشن آرمي نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي ڪيمپن تي حملا ڪرڻ لاءِ ساڳيا هٿيار استعمال ڪيا، زوب گيرزن تي حملي ۾ ٽي ٽي پي آمريڪي هٿيارن جو استعمال پڻ ڪيو، آمريڪي هٿيارن سان ليس ٽي ٽي پي جي دهشتگردن چترال ۾ 2 فوجي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو.ميانوالي ايئربيس تي حملي ۾ دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيار پرڏيهي هئا. آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪا افغان فوج کي ڪل 427,300 جنگي هٿيار فراهم ڪيا ۽ 300,000 هٿيارن جي واپسي وقت ڇڏي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.