ڪراچي ( م ڊ ) گڊو ٿرمل پاور هاءِ ٽرانسميشن جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي وئي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. گڊو ٿرمل پاور هائوس اختيارين موجب 500 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ ڌماڪو ٿيو، ٻڌايو پيو وڃي ته فني خرابي ڪوهيڙي سبب پيش آئي، باهه تي فوري طور ضابطو آندو ويو، باهه لڳڻ سبب 500 ڪي وي جون 3 لائن ٽرپ ٿي ويون، جنهن کانپوءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.