ڪراچي ( رپورٽر ) سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ ناريجو چيو آهي ته سنڌ جا اسڪول پهرين جنوري تي کلي ويندا. سيڪريٽري تعليم سنڌ سياري جي موڪلن ۾ واڌ بابت سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ ناريجو سياري جي موڪلن بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اسڪول پهرين جنوري تي ئي کلي ويندا، والدين ۽ شاگرد جعلي نوٽيفڪيشن تي ڌيان نه ڏين، موڪلن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.
سال 2023 ۾ 58 ڪلو هيروئن، 18 ڪلو چرس ۽ 98 ڪلو آئس هٿ ڪيو : ترجمان
ڪراچي ( رپورٽر ) هيڊ ڪوارٽر اي ايس ايف سالياني ڪارڪردگي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. سال 2023 ۾ مختلف ڪاررواين ۾ 58 ڪلو گرام هيروئن، 18 ڪلو چرس، 98 ڪلو آئس ۽ 6 ليٽر ليڪوئيدڊ هيروئن هٿ ڪئي وئي. 2023ع دوران مختلف ڪاررواين ۾ 138 ڪلو گرام سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. مني لانڊرنگ روڪڻ ۾ اي ايس ايف جو به اهم ڪردار رهيو آهي. سال 2023 دوران 1251 ملين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي ناڪام ٿي. ايڪسپورٽ ڪيل پرڏيهي ڪرنسي ۾ يو ايس ڊالر، يورو، سعودي ريال، آسٽريلين ڊالر، يو جي پائونڊ درهم، ترڪي ليرا شامل آهن.