آصف علي زرداري سميت 15 اميدوارن جا فارم منظور

نوابشاهه (ڊ ر) عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو عمل جاري، نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 207  تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سردار شير محمد رند، اڳوڻي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو، سيد زاھد حسين شاهه سميت 16 اميدوارن مان 15 اميدوارن جا نامزدگي فارم جاچ پڙتال کانپوءِ بحال ڪيا ويا، هڪ اميدوار محمد خان جو فارم سندس تاعيد ڪندڙ جو ووٽ تڪ ۾ داخل نه هئڻ سبب رد ڪيو ويو، جڏھن ته نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 208 تي اڄ ٽن اميدوارن عاشق آرائين دانش ۽ غلام الله مري جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ڪيا ويا، صوبائي تڪ پي ايس 37 نوابشاهه تي حصو وٺندڙ 12 اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي جنهن ۾ 8 اميدوارن سيد فصيح احمد شاهه محمد اڪرام مسرت زهرا محمد سليم سميت 8 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا جڏهن ته 4 اميدوارن شاھ فيروز رند نعيم العارفين محمد بلال حافظ محمد شهمير خان جا فارم رد ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.