بلاول ۽ عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي فيصلو محفوظ

لاهور (م  ڊ ) ريٽرننگ آفيسر اين اي 127 تان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪري  ورتو. بلاول ڀٽو جي وڪيل ريٽرننگ آفيسر کي لکت ۾ دستاويز ۽ دليل جمع ڪرائي ڇڏيا ۽ جواب ۾ چيو آهي ته هي اعتراض اليڪشن ضابطن موجب درست ڪري سگهجي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪاغذن تي اعتراض رد ڪيا وڃن. بلاول ڀٽو جي قانوني ٽيم جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز پاران بلاول جا نامزدگي ڪاغذ لکڻ انساني غلطي آهي، هو پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ غلطي کي درست ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ سنڌ ۾ منظور ٿيا آهن، رڳو پنجاب ۾ مسئلو پيدا ٿيو آهي.ٻئي پاسي ميانوالي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 89 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. اين اي 89 ميانوالي تي عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جي موقعي تي پي ٽي آءِ باني جا وڪيل آر او آڏو پيش ٿيا. پي ٽي آءِ باني جي نامزدگي ڪاغذن تي خرم روڪڙي ۽ خليل الرحمان اعتراض اٿاريا. درخواستگذارن چيو ته پي ٽي آءِ باني سزا يافته ۽ نااهل آهي. آر او نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.