ڪيترن ئي ماڻهن کي پير سڙڻ جو مسئلو هوندو آهي جيڪي گهڻي قدر انکي ٿڪاوٽ يا پيرن کي ننڊ اچڻ جو جواز سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن پر سدائين ائين ناهي هوندو، پير سڙڻ ڪجهه بيمارين جي علامت به هوندا آهن جن بابت اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين.
پير سڙڻ شگر جي مرض جي عام علامتن مان هڪ آهي جيڪڏهن توهان جا پير ڪنهن به وقت ۽ گهڻو سن ٿي وڃن ٿا يا سڙن ٿا ته توهان کي هڪ ڀيرو پنهنجي شگر ضرور ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي.