چونڊن کان اڳ پ پ کي سنڌ مان وڏو ڌچڪو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ مان ڌچڪو لڳو ويو سانگهڙ جي نواب خاندان ن ليگ ۾ شموليت ڪري ڇڏي.
نواب خاندان ن ليگ جي صدر شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ باقاعدا ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. سانگھر مان پ پ جي اڳوڻي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽر نواب ڄام ڪرم علي ۽ سندس پٽ ڄام قائم علي ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا.
شموليت جو اعلان نواب ڄام خاندان شهباز شريف سان ملاقات ۾ ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ڄام خاندان کي ن ليگ جي قائد نواز شريف پاران ڀليڪار ڪئي سندس پيغام پهچايو.
ذريعن موجب ملاقات ۾ شهباز شريف پاران ڄام خاندان کي سنڌ ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ، وڌيڪ اليڪٽيبلز ۽ ماڻهن کي پ پ ۾ آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته وڏو اجتماع رٿڻ لاءِ تياريون شروع ڪريو ڇو جو نواز شريف سانگهڙ جو دورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.