لاهور ( م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان عدالتن جي ڳالهه ڪريون ته ڪارڪردگي جي لحاظ سان دنيا ۾ 129 هين نمبر تي آهي پر عدليه مراعتون وٺڻ ۾ ٽاپ ٽين آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاناما ۽ توشه خانه ۾ ملوث ڪرپٽ اشرافيه مهانگائي جي ذميوار آهي، ڪرپٽ اشرافيه جي ڪري 10 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن.
ن ليگ پاران سڄي ملڪ ۾ چونڊ جلسا ڪرڻ جو فيصلو
لاهور (م ڊ ) مسلم ليگ ن جنوري جي ٽئين هفتي کان 6 فيبروري تائين سڄي ملڪ ۾ چونڊ جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف سڄي ملڪ ۾ چوڏهن جلسن کي خطاب ڪندو، شهباز شريف 18 جلسن کي خطاب ڪندو، مريم نواز ۽ حمزا شهباز به چونڊ جلسن کي خطاب ڪندا. مسلم ليگ ن جي ذريعن موجب لاهور، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، گوجرانوالا، راولپنڊي، ڪراچي سميت 27 ضلعن ۾ چونڊ اجلاس ٿيندا، جنوري جي ٻئي هفتي تائين چونڊ اجلاسن بابت حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.