اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حلف کڻي چوان ٿو ته 9 مئي تي مان راولپنڊي يا پنجاب ۾ نه پر ڪراچي ۾ هيس، پيمرا کان رڪارڊ گهرائي ڏسو، منهنجي گهر واري آغا خان اسپتال ۾ هئي ۽ مان هن سان گڏ هيس، هڪ طاقتور ترين شخص به چيو ته توهان جو 9 مئي واقعن ۾ ڪو ڪردار ناهي، چيمبر ۾ توهان کي ان شخص جو نالو ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان، اسلام آباد جي عدالت ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مان دنيا ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان جي ادارن جو دفاع ڪيو، ڇا اڄ مون کي ان جو هي صلو ۽ انصاف ملي رهيو آهي، مون کي سپريم ڪورٽ جي ٽن ججز آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود مون کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو، مون کي 26 ڊسمبر تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، بعد ۾ هٿ سان تاريخ ڊاهي 27 ڊسمبر لکيو ويو، مان 5 ڀيرا اسيميبلي جو ميمبر آهيان، ايس ايڇ او مون کي مڪ به هنئي ۽ لت به هنئي، ڇاتيءَ ۾ تڪليف باوجود علاج نه ڪرايو ويو، سخت ٿڌ ۾ رکڻ سبب سڄي رات ننڊ نه آئي، هي ڪٿان جو انصاف آهي، مون سان ظلم ڪيو ويو.