اڳوڻي پرڏيهي وزير کي دهشتگرد جيان گرفتار ڪيو ويو: مهربانو قريشي

اسلام آباد ( م ڊ ) شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهر بانو چيو آهي ته اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ سينيئر پارليامينٽيرين هئڻ باوجود منهنجي  والد کي دهشتگرد جيان گرفتار ڪيو ويو، اهڙي حالت ته طالبان جي دهشتگرد احسان الله احسان سان به نه ڪئي وئي هئي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مهر بانو چيو ته حڪمران شاهه محمود قريشي کان ايڏا ڇو ڊنل آهن، ڇا شاهه محمود قريشي جي ڳالهائڻ سان ڌماڪا ٿي ويندا، فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان ڪهڙي پاسي پيا وڃون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.