گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي جي ناردرن باءِ پاس افغان ڪئمپ ڀرسان ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ برسات متاثرن خلاف ايم ڊي اي انتظاميا انڪروچمينٽ پوليس سميت ڪراچي ضلعي جي مختلف سوين پوليس اھلڪار ساڻ ڪري ڪرين مشين ذريعي اڏاوتون ڊاھڻ لاءِ آپريشن، ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ رھواسين جي ٿيندڙ آپريشن خلاف مزاحمت پوليس جي متاثرين مٿان لٺبازي شيلنگ بعد سڌيون گوليون ھلائي ڇڏيون، عورتن ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ ۽ رڙيون پئجي ويون پوليس جي ٿيل فائرنگ ۾ ھڪ معصوم ٻار مارجي ويو، ٻيو زخمي، گلشن معمار ٿاڻي جي حد ناردرن باءِ پاس ڀرسان برسات متاثرين جي قائم ٿيل ٽينٽ سٽي ۾ اڏاوتون ڊاھڻ لاءِ ايم ڊي اي طرفان انڪروچمينٽ پوليس ۽ ڪراچي ضلعي جي ايسٽ ويسٽ ۽ سينٽرل پوليس جي سوين اھلڪارن سميت ليڊيز پوليس اھلڪارن طرفان ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ برسات متاثرين جا اجھا ڊاھڻ لاءِ ڪرين مشين ذريعي اڏاوتون مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تـ ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ متاثرين طرفان عورتن ٻارڙن سميت ايم ڊي اي ۽ پوليس سان مزاحمت ڪئي تـ پوليس طرفان مزاحمت ڪندڙ متاثرين مٿان لاٺي چارج شيلنگ ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي ڪيل شيلنگ ۽ فائرنگ سبب عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت متاثرين ۾ رڙيون ۽ دانھون پئجي ويون جيڪي پنھنجون جانيون بچائڻ لاء ڊوڙندا رھيا جڏھن تـ پوليس جي ڪيل فائرنگ ۾ 12 ورھين جو ھڪ معصوم ٻارڙو يونس ولد مير علي چانڊيو مارجي ويو، جڏھن ٻيو ٻار سخت زخمي ٿي پيو سخت زخمي ٿيل معصوم ٻار کي نازڪ حالت ۾ ڊائو اسپتال کان وڌيڪ علاج لاءِ جناح اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي زخمي ٿيل معصوم ٻار جي نالي جي تصديق نـ ٿي سگھي، جڏھن تـ ايم ڊي اي ۽ پوليس طرفان ڪرين مشينن ذريعي ٽينٽ سٽي ۾ آباد ٿيل برسات متاثرين جي گھرن کي ڊاھڻ جو سلسلو ھلندڙ آھي ان سلسلي ۾ ٽينٽ جي اڳواڻي ڪندڙ احمد علي شاھ ڪاظمي لياقت بليدي خان چانڊيو اڪبر شاھ ڪاظمي عبدالحميد ڇڇر فقير محمد چانڊيو مظھر سولنگي ۽ ٻين دانھيندي چيو تـ ڏيڍ سال اڳ پيل برساتي ٻوڏ سبب سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل متاثرين کي ھتي آباد ڪيو ويو ھو جيڪي پنھنجا گھر قائم ڪري ويٺل ھئا مگر ايم ڊي اي قادر چانڊيو انڪروچمينٽ پوليس جي نديم سھتو گلشن معمار ٿاڻي جي ايس ايڇ او وقاص قيصر سميت ٻين ايم ڊي اي عملدارن انڪروچمينٽ سميت مختلف ضلعن جي پوليس آفيسرن سوين پوليس اھلڪار ۽ ڪرين مشين ساڻ ڪري برسات متاثرين جا گھر ڊاھي رھيا ھئا تـ برسات متاثرين طرفان پنھنجا اجھا بچائڻ لاءِ احتجاج ۽ مزاحمت ڪئي تـ انڪروچمينٽ پوليس سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس اھلڪارن احتجاج ڪندڙن متاثرين مٿان سڌيون گوليون ھلائي ڇڏيون جنھن سبب گولي لڳڻ ڪري ھڪ معصوم ٻار ٻارھن ورھين جو يونس چانڊيو فوت ٿي ويو آھي جڏھن تـ ٻيو ٻار گولي لڳڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ٿيل آھي، واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.