عمران خان کي توبهه ڪرڻ گهرجي، 8 فيبروري تي وڏو سرپرائز ڏينداسين: بلاول ڀٽو

سکر(رپورٽر) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ چونڊن ۾ لاھور کي ٻيو آپشن بھ ھجڻ گھرجي ان ڪري تخت لاھور تان اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو، نٿاچاھيون تھ وري ڪو کلاڙي اچي ۽ ڪنھن بزدار کي پنجاب تي مڙهي ڇڏي، نامزدگي ڪاغذ کسيندڙن کي سڀ خبر آھي تھ اسان 8 فيبروري تي وڏو سرپرائيز ڏينداسين. سکر ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي چيف سردار محمد بخش مهر جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس  ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جي انتخابي مھم جاري آھي، عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندو، اسان گھوٽڪي سميت پوري سنڌ جي فلاح بھبود جا منصوبا شروع ڪيا، گھوٽڪي ۾ پ پ سٺا نتيجا ڏيندي. اسان بي بي شھيد جي ورسي تي 10 نقاطي منشور پيش ڪيو، موقعو مليو تھ اِن تي ضرور عمل ڪنداسين. عوام اسان سان گڏ آھي اسان 8 فيبروريءَ تي سرپرائيز ڏينداسين. ھن چيو تھ سڀني کي ڄاڻ آھي تھ نامزدگي ڪاغذ ڪير کسي رھيو آھي، ڪٿي کسيا پيا وڃن، جيڪي کسي رھيا آھن اُھي جواب ڏين. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ سان تخت لاھور تان اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو آھي تھ جئين لاھور وٽ ٻيو ڪو آپشن ھجڻ گھرجي، اسان نٿا چاھيون وري ڪو کلاڙي اچي وري ڪنھن بزدار کي پنجاب تي مسلط ڪري ڇڏي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ شاھ محمد قريشي جي گرفتاري جي پھريان بھ مذمت ڪئي ھئي ۽ ھاڻي بھ مذمت ڪريان ٿو، پر ڇا تحريڪ انصاف جي باني ۽ شاھ محمد قريشي پنھنجي موقف کي تبديل ڪيو آھي؟ سڀ کان پھريان عمران خان کي پنھنجي عملن جي توبھ ڪرڻ گھرجي، تحريڪ انصاف کي پنھنجي قدمن، عملن تي معافي گھرڻ گھرجي. بلاول ڀٽو زرداري شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ پيش ڪيل 10 نقاطي منشور ورجھائيندي چيو تھ ڪچي آبادي جي رھواسين کي مالڪانھ حقن تي گھر تعمير ڪري ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.