سرحد پار کان پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ مبتلا ٿي پاڪستان اچڻ بعد شادي ڪندڙ ڀارتي عورت انجو ٻارن سان ملاقات لاءِ ڀارت وئي هئي ۽ هاڻي سندس واپسي جو ارادو تبديل ٿي ويو آهي.
35 سالن جي انجو نصر الله سان شادي جي پنجن مهينن بعد ڀارت واپس وڃي پنهنجي 15 سالن جي ڌيءُ ۽ 6 سالن جي پٽ سان ملاقات ڪئي آهي.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ انجو پنهنجي موجوده زندگي ۽ منصوبن تي روشني وڌي آهي.