اسلام آباد ( م ڊ ) توشا خانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 4 جنوري مقرر ڪري ڇڏي آهي. اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشا خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي ٽيم سميت عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سردار لطيف کوسو عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جو باني عدالت ۾ موجود هو. نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر توشا خانه ريفرنس، انڪوائري رپورٽ سميت سمورن لاڳاپيل دستاويزن جون ڪاپيون وڪيلن کي فراهم ڪيون آهن. توشا خانه ريفرنس ۾ عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بيبي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 4 جنوري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.