ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن تيز ڪيو وڃي: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (رپورٽر ) ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ هيڊ ڪوارٽر پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۾ سڪيورٽي بابت اعليٰ  سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جيز (اسپيشل برانچ، ايسٽ، سائوٿ، ويسٽ، سي آءِ اي ۽ ٽريفڪ)، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪراچي جي امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم، ڦر ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام ۽ خاص ڪري نئين سال جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪن ۽ ڏوهارين خلاف رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن تيز ڪيو وڃي ۽ شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ جو عمل وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.