ننگرپارڪر واسين ڪارونجهر ڪيس مختلف فورمن تي رکڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ننگرپارڪر واسين سنڌ جي سياسي،سماجي ڌرين کي ڪارونجهر جو ڪيس مختلف فورمن تي رکڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ نيلامي خلاف مسلسل جدوجهد ڪندڙ مقامي ماڻهن تي ٻڌل ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن الھرکيو کوسو، مصطفيٰ دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين  کي ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ نگران صوبائي سرڪار جي اڻ ڊنگي رويي خلاف لاڳاپيل مختلف فورمن تي آواز اٿارڻ ۽ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سندن احتجاجي تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو قومي، ثقافتي، تھذيبي، مذهبي ۽ سياحتي ماڳ ھئڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آھي ان ڪري سڀني ڌرين کي ڪارونجهر سان گڏ بيھڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جو تفصيلي ۽ وزنائتي فيصلو ڏنو آھي جنھن ۾ ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو آھي ان باوجود نگران حڪومت بجائي فيصلي کي تسليم ڪري ان تي عمل ڪرڻ جي ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آھي، ھاڻي سنڌ واسين کي احتجاج ۽ فورمن تي آواز اٿاري سپريم ڪورٽ کي يقين ڏيارڻ گهرجي ته ڪارونجهر عام جبل ناھي، ھن جي اھميت باقي جبلن کان مختلف آھي، ھنن چيو ته معدنيات جو نگران وزير خدا بخش مري ننگرپارڪر اچي ڌمڪين واري لھجي ۾ مقامي ماڻهن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏي ٿو پر مقامي ماڻھون ھنن جي ڌمڪين ۾ نه ايندو ۽ آئيني دائري ۾ رھندي پنهنجي ڪارونجهر جبل جي بچاءُ لاءِ جدوجهد جاري رکندو.ھوڏانھن ٻي پاسي رٽرننگ آفيس ننگرپارڪر ٻاھريان ميڊيا سان ڳالهائيندي ننگرپارڪر مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي ۽ پيپلزپارٽي جي نيشنل اسيمبلي جي امڪاني اميدوار پير امير علي شاهه جيلاني چيو ته ڪارونجهر ثقافتي ۽ قديمي نشاني آھي جيڪا اسان سڀني جي ماءُ وانگي آھي جنھن کي اسان ڪنهن کي به ھٿ چراند ڪرڻ نه ڏينداسين.

  • ڪارونجهر جبل سمُنڊ ۽ لوڻ کاڻين آڏو مضبوطي سان بند بڻجي بيٺل آهي: مشڪور ڦلڪارو

مٺي: ڪارونجهر جبل سمُنڊ،رڻ ۽ لوڻ کاڻين آڏو بند بڻجي بيٺل،کوٽائي سان جر کارو ٿيڻ سميت ريگستان لوڻ کاڻين ۾ تبديل ٿي ويندو، اُنهي سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخدان ۽ محقق مشڪور ڦلڪاري پنهنجي سماجي پيج تي پوسٽ ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪارونجهر جبل سمُنڊ،رڻ ۽ لوڻ کاڻين آڏو مضبوطي سان بند بڻجي بيٺل آهي،ڪارونجهر جي ختم ٿيڻ سان پورو ريگستان لوڻ کاڻين ۾ تبديل ٿي ويندو،ڪارونجهر کي سمُنڊ لڳي ٿو،رڻ ڪنڌي تي آهي، علائقي ۾ ڪيتريون ئي لوڻ جون کاڻيون موجود آهن،ڪارونجهر سمُنڊ،رڻ ۽ لوڻ کاڻين کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو،هي پٿريلو علائقو ريگستان کي بچائي بيٺل آهي،ڪارونجهر سان ڪٿان هٿ چُراند ٿي ٿه اُنهي جو وڏو نقصان ڀوڳڻو پوندو، ڪارونجهر ثقافتي ماڳ آهي، سنڌ جي سونهن آهي،حڪومت هن ماڳ کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

  • صوبائي وزير خدا بخش مري جي بيان جي مذمت ڪيون ٿا: ساڃاهه وند

مٺي: ٿر ٽيڪنيڪل فورم جي چيئرمين، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ ديال صحرائي، سيڪريٽري عطا محمد رند ۽ ٻين اڳواڻن  پنھنجي پريس بيان ۾ چيو ته صوبائي وزير خدا بخش مري جي ڪارونجھر جي دفاع لاءِ جدوجھد ڪندڙ ماڻھن کي ملڪ دشمن سڏڻ واري بيان جي مذمت ڪجي ٿي، ھن ملڪ جي دفاعي مورچي، تاريخي، مذھبي، ثقافتي ۽ تھذيبي ورثن جي تذليل ڪندڙ ۽ ناڻي لاءِ وڪرو ندڙ ۽ تباھ ڪندڙ پاڻ ملڪ دشمن آھن، ڪارونجھر ھن سڄي خطي جي ماحول، پنج لک آبادي، لکين پکين، ٻوٽن ۽ بين جاندارن جي جيئاپي جو ضامن آھي. ھن جبل مان ايندڙ پاڻي سڄي پارڪر کي سيراب ڪري ٿو، ھن جبل کي ڪٽڻ وارو عمل، انھي سڄي ايڪوسسٽم جي تباھي جو سبب بڻبو. انھن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جي سياسي اڳواڻن، باشعور ماڻھن، ساڃاھوندن بار بار ڪانفرنسون، سيمينار، ريليون ۽ مظاھرا ڪري، ڌرڻا ھڻي، مضمون لکي، ڪتاب لکي، تحقيق ڪري ڪارونجھر جي ڪٽائي ھر دفعي رد ڪئي آھي، زبردستي ھن جبل جي ڪٽائي ڪرڻ ھن قوم ۽ وطن دشمن عمل ھوندو،  انھي ساڳي جبل کي سياحتي مرڪز بڻائي ڪروڙين روپيا سرڪار ڪمائي سگھي ٿي، باقي ٿر جا ڪرسي لاءِ ٻاڏائيندڙ وڏيرا سدائين رمورٽ سسٽم تي ھلندا آھن انھن جو جبل جي ڪٽائي جي حق ڏنل بيان، سڄي سنڌ جي باشعور ماڻھن پرزور رد ڪيو آھي، اسان ھن جبل جي اھميت تي تحقيق ڪئي آھي، ھر فورم تي مناظرو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، دنيا جي سڀ کان پراڻي جبل ۽ جيالاجيڪلي منفرد اھميت رکندڙ  ھن جبل جي ڪٽائي ھن سڄي خطي لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿي. مطالبو ڪجي ٿو ته ڪارونجھر کي عالمي ثقافتي ورثي جو حصو بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.