افغانين کي غير قانوني طور سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ نادرا جا 4 اڳوڻا آفيسر گرفتار

اسلام آباد (م ڊ) ايف آءِ اي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث نادرا جي 4 اڳوڻن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪارروائي ڪندي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث 4 رڪني گروهه کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار نادرا جا اڳوڻا آفيسر آهن، ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته گرفتار جوابدار نادرا ميگا سينٽر اسلام آباد ۾ مقرر هئا، هنن 2019 ۽ 2020 ۾ پرڏيهين کي  سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا، جوابدار غير قانوني طريقي سان احساس پروگرام جي نالي تي مزدور طبقي کان بائيو ميٽرڪ وٺندا هئا ۽ فيملي ٽري ۾ افغان شهرين جي داخلا ڪندا هئا، اختيارين چيو ته جوابدار ڏهاڙي کڻندڙ مزدور ۽ نشي جي عادي ماڻهن کي افغان شهرين جو والد ظاهر ڪندا هئا، گرفتار جوابدارن مقرري دوران ڪيترائي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ۽ انهن جي آڙ ۾ وڏي رقم وصول ڪئي، اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ انڪ.شاف سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.