16 سال گذرڻ باوجود انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهيون: آصفه ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو چيو آهي ته شهيد بينظير جي شهادت کي 16 سال گذري ويا پر جدائي جو ڏک ۽  احساس اهڙو پيو ٿئي جو وقت ئي بيهجي ويو آهي، 16 سال گذرڻ باوجود اسان انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهيون، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته شهيد راڻي جو کلڻ، مشورا ۽ محبت وارا لمحا اڃا تائين تازا آهن، سندس پيدا ڪيل خال وقت نه ٿو ڀري سگهي، هو هڪ اهڙو گهر ڇڏي وئي جيڪو ٻيهر ان وقت جهڙو نه ٿو ٿي سگهي، هن چيو ته عوام پنهنجي سڀ کان وڏي وڪيل کان محروم ٿي ويو آهي، مظلوم ۽ جابرن خلاف اٿندڙ آواز کي خاموش ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.