اسلام آباد ( م ڊ ) بلوچ مظاهرين بلوچستان ۾ جبري گمشدگين ۽ عدالت کان ماٿهين قتلن جي خاتمي جو مطالبو ڪندي بلوچ مظاهرين اڄ پريس ڪانفرنس ۾ اڳتي جي حڪمت عملي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان سان تعلق رکندڙ انساني حقن جي ڪارڪن ۽ احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ خانگي ٽي وي سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومتي ڪميٽي کي ٽن ڏينهن جو الٽي ميٽم ڏنو ويو هو پر حڪومتي ڪميٽي هن وقت تائين ڪو به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته لڳي ٿو ته حڪومتي ڪميٽي جي هٿ ۾ ڪجهه ناهي، ڪميٽي پاڻ چيو ته توهان کي خبر آهي ته اسان نگران حڪومت ۾ آهيون. ماهه رنگ بلوچ چيو ته اسان جا سمورا ساٿي اڃا تائين آزاد نه ٿيا آهن، ڪجهه ساٿين کي آزاد ڪيو ويو آهي پر ڪجهه ساٿين کي اڃا تائين آزاد ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌائينداسين ته اسان جو ايڪشن پلان ڇا هوندو.